نواز شريف جي عوام اندر ڪيتري Following آهي؟ اهو ته چئن سالن جي جلاوطني کانپوءِ به ظاهر ٿي ويو، پر ان سان گڏ اڳوڻي وزير اعظم پنهنجا سمورا ڪارڊز به شو ڪري ڇڏيا آهن. ڪنهن زماني ۾ عامر لياقت چيو هو ته “آيا ناهيون، پر آندا ويا آهيون.” ساڳي ڳالهه ميان نواز شريف ڪئي ته “آندو ويو آهي ته ملڪ جي خدمت ڪريون.” ڪنهن اچڻ لاءِ چيو آهي؟ ڪنهن جي گذارش يا حڪم تي آندو ويو آهي؟ ڪنهن جي فرمائش آهي؟ يا ڪنهن جي خدمت لاءِ آندو ويو آهي؟ اهي سڀ ڳالهيون هن اشارن ۾ ته چيون پر پنهنجي زبان کي ڪنٽرول ۾ رکيو. ڪي چون ٿا ته “هن جو خطاب وزير اعظم” وارو هو. يقينن ائين ئي هو. هو انتهائي محتاط انداز سان ڳالهائي رهيو هو، لفظ تڪي توري ڳالهائي رهيو هو. پر ان سان گڏ سموريون ڳالهيون جيڪي چوڻ گهربيون هيون اهي چئي به ويو. ائين لڳو ٿي ته هن جو ڊماسٽريٽر سٺو آهي، هن کي بهتر ۽ سافٽ طريقي سان ڳالهه چوڻ جو آرٽ سيکاريو ويو. ان لاءِ کيس گهڻي ئي پريڪٽس ۽ پاڻ تي جبر ڪرڻو پيو هوندو. هن شايد پهريون ڀيرو شاعري ذريعي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي شاعري جيڪا اصل حڪمران جي مٿان گذري ويندي آهي. جيڪڏهن واڳ ڌڻي ايترا باذوق هجن ها ته اهڙا ڪم ئي نه ڪن ها، جنهن سان ملڪ، خاص ڪري عوام کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻا پون ها.
هن جي تقرير ۾ پيغام بلڪل واضح هئا، ادارن جي حوالي سان به ڪليئر پيغام ڏئي رهيو هو. هن عمران خان جي خراب حڪمرانيءَ جو به ذڪر ڪيو، پر صيغا اهڙا استعمال ڪيا، جنهن سان نالا وٺڻ بدران اشارا ڪيا ويا، سواءِ هڪ اڌ ڀيري جي. اهو چوڻ ته تسبيح ته مون وٽ به آهي، پر اها ماضي جي حڪمران جيان عوام اڳيان نه پڙهندس. اهو واضح ڪري رهيو هو ته مذهب يا ذاتي فعل کي سياست جو حصو نه بڻائيندس ۽ بڻائڻ به نه گهرجي. رياست ۽ مذهب ٻه الڳ حقيقتون آهن، ٻنهي کي ملائڻ جو نتيجو هي نڪتو آهي ته آئين هجي،پارليامينٽ، جمهوري نظام هجي يا ٻيا معاملا سڀ مذهبي بيانئي جي ور چڙهيا ۽ ان جو فائدو عام ماڻهوءَ کي ته نه ٿيو، پر انهن کي ٿيو، جيڪي تباهيءَ جا “اوتار” آهن. ان ڪري هاڻ وقت اچي ويو آهي ته رياستي معاملن کي ذاتي مذهبي معاملن کان پري رکجي.
پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هينئر دشمني رکي اڳتي وڌي نٿو سگهجي. هي اشارو افغانستان، ايران ڏانهن هجي، پر هن جي ذهن ۾ ڀارت ئي هو. هي اهڙو پاڙيسري ملڪ آهي، جتان جي حڪمرانن جي شريف خاندان سان بهتر ڪيمسٽري ملندڙ آهي. هو حڪومت کان وٺي ذاتي ڪاڄن ۾ مودي ۽ ٻين کي گهرائيندا رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جو يقينن ذاتي لاڳاپن جو مسئلو ناهي، پر پرڏيهي پاليسيءَ جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڳالهه آهي. ڀارت دنيا جي امير ترين ملڪن جي تنظيم گروپ ٽوئنٽي جو صدر آهي ۽ دنيا جا سمورا اڳواڻ ڀارت ۾ گڏ ٿي، نئين دنيا جو پيغام ڏئي رهيا هئا. اها نئين دنيا ڪهڙي هئي، ان تي ٻه رايا ٿي سگهن ٿا. پر جيستائين سرحدون محفوظ نه هونديون، ملڪي وسيلا ضايع ٿيندا رهندا. ترقي ڪري نه سگهنداسين. ان ڪري جيڪڏهن سويلين حڪمرانن جو قبلو درست هوندو ته سمورا معاملا درست ٿيندا. جنهن ملڪ جي معيشت کان وٺي، پرڏيهي پاليسي، ملڪي سلامتي، سرحدن جي حفاظت جو ڪم هڪ اداري کي سونپيو ويو هجي، باقي ڌرين ۽ ادارن، جن کي هي ڪم ڪرڻا آهن، انهن کي فارغ ڪيو ويو هجي ته اهڙي صورتحال ۾ سيڪيورٽي اسٽيٽ تي سوال ئي اٿندا. هي انهن لاءِ به پيغام ٿي سگهي ٿو، جيڪي، هر اشو کي حل ڪرڻ جو آرٽ نه ڄاڻندي، به ماهر هجڻ جو تاثر ڏيندا آهن. جيستائين ادارن کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو،ايستائين ملڪ فعال ٿي نه سگهندو. رياست پنهنجي سگهه سان ڪم ڪري نه سگهندي. هينئر رياست ريڊ لائين اندر آهي، ان کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو. اهو سوچڻ سويلين حڪومت جو ڪم آهي.
ميان نواز شريف جي ملڪ جي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ کان اڳ چيو پئي ويو ته واڳ ڌڻين ۽ (ن) ليگ ۾ معاملا طئي ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ سبب هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙا ڪم ڪيا ويا، جنهن سان رياستي ادارن جو وجود لڏي رهيو هو. خاص ڪري جمهوري عمل داءُ تي لڳي ويو هو، عام چونڊن جي تاريخ، جنهن جو اعلان هيل تائين نه ٿيو آهي،ان کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ ميان شهباز شريف، جنهن انداز ۾ حڪومت هلائي،ان ڪيتريون غلطيون ڪيون، خاص ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي، جنهن ۾ وقت جي حڪومت ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارن جي گهيري ۾ رهي. ان ڪري جيڪي بارودي سرنگهون عمران خان وڇائي ويو، انهن کي صاف ته نه ڪيو ويو، پر عوام کي انهن جي ڌماڪن کان بچائڻ لاءِ به ڪي قدم نه کنيا ويا. هيل تائين ماڻهو پيسجي رهيو آهي. هينئر ميان صاحب جي اچڻ سان هي پيغام ته واضح طور سامهون اچي ويو ته نگران گهڻو عرصو نه رهندا. ان ڪري ئي ته کيس گهرايو ويو آهي. ميان نواز شريف جي هي ڳالهه به درست آهي ته ملڪ کي سڀني کي گڏجي هلائڻو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته مستقبل ۾ اتحادي حڪومت جا ئي امڪان آهن. جيڪڏهن مک سياسي پارٽيون گڏجي اڳتي وڌن ۽ پنهنجا عالمي سطح تي واسطا ۽ وسيلا استعمال ڪن ته ملڪ بهتر ٿي سگهي ٿو. هينئر توڙي جو غزا تي چڙهائي جهڙن اپائن سان حالتون خراب رهنديون، پر جيڪڏهن سموريون ڌريون گڏجي ويهنديون ته صورتحال بهتر ٿي ويندي. عالمي مالي ادارن سان معاملن کي طئي ڪرڻ ۽ ممڪن هجي ته انهن جي خول مان نڪرڻ جي ضرورت آهي. جيستائين انهن مان جان آجي نه ٿيندي، ملڪ جو عوام ته عذاب ۾ رهندو، پر ملڪ جي وجود کي به خطرو هوندو. اسان ڪيستائين صرف هڪڙي اداري کي پالي ٿلهو ٿنڀرو ڪنداسين، جيڪڏهن سمورا وسيلا هڪ ئي اداري تي خرچ ڪرڻا آهن ته پوءِ هو سڌو اقتدار ۾ اچن ۽ ملڪ هلائي ڏيکارين ته خبر پئجي ويندي. سياستدانن جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ جي روش ختم ٿيڻ گهرجي.
ملڪ ۾ بک ۽ بدحاليءَ جو خاص ذڪر ٿيو. ميان نواز شريف به سمجهي ٿو ته جيستائين عوام کي رليف نه ملندو، ملڪ جو سمورو وهنوار ٺپ ٿي ويندو. هن پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ کي پنهنجو سياسي بيانيو قرار ڏنو، موٽرويز جي اڏاوت، سستي ماني، روزگار ۽ ٻين سهولتن کي هن پنهنجي پارٽيءَ جو بيانيو قرار ڏنو. حقيقت ۾ اهي ئي اشوز آهن، جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون سستيون يا سبسڊائيز ٿين، جيڪڏهن پيٽروليم شين تان ٽيڪسن جي ڀرمار ختم ڪجي، صرف ڪمپنين جي نفعي جو نه سوچجي. کاڌي جي شين جي ڊمانڊ ۽ سپلاءِ کي بهتر بڻائجي ۽ جيڪي زرعي شيون پيدا ٿين ٿيون، اهي پهرين عوام کي ملن ۽ جيڪي بچن انهن جي ايڪسپورٽ يقيني بڻائجي يا ايڪسپورٽ جا نوان گس ڳولجن ته بهتريءَ جا امڪان موجود آهن.
گذريل ڪجهه سالن کان جيڪو گند ڦهلايو ويو، ان جي صفائيءَ جو وقت اچي ويو آهي. ان حوالي سان سمورين ڌرين کي پنهنجو حصو ادا ڪرڻ گهرجي. ملڪ کي ڪيئن هلائڻو آهي ۽ ترقيءَ جو ڪهڙو گس وٺڻو آهي، ان جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ملڪي قيادت عوامي سوچ کي اپنائي ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. رڳو “ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو ڪافي ناهي، رڳو نان سويلين، جيڪي گند ڪري ويا، انهن کي جيلن ياترا ڪرائڻ لاءِ زورآزمائيءَ جي ضرورت ناهي، پر اهڙي احتساب جي ضرورت آهي،جيڪو اڻ ڌرئي طريقي سان ڪيو وڃي. ان لاءِ ملڪ جي اعليٰ عدالت ئي ڪافي آهي. پارليامينٽ ۽ ٻيا ادارا به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هاڻ حقيقي قيادت کي موقعو ملڻ گهرجي ۽ انهن قوتن کي گهر روانو ٿيڻ گهرجي، جن سمورن وسيلن تي قبضو ڪيو ۽ ملڪ ۾ سياسي پروجيڪٽس لانچ ڪيا.