ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گئس اگهن ۾ ٿيل واڌ

Editorial

پي ٽي آءِ جي زماني ۾ مهانگائيءَ جي جيڪا لهر شروع ٿي هئي سا هن وقت تائين جاري آهي. ان لهر جو سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهوءَ کي ٿيو آهي. ڪڏهن حڪومت بجليءَ جا اگهه وڌائي ڇڏيندي آهي، ڪڏهن پيٽرول جو في ليٽر وڌي ويندو آهي ته ڪڏهن وري گئس جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام مٿان مهانگائيءَ جي ڇپ ڪرائي ڇڏيندي آهي، جنهنڪري عام ماڻهو لاءِ ماهوار خرچ پورا ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين جاري رهيو ته عام ماڻهوءَ جي برداشت جواب ڏئي ويندي. هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ گهرو، ڪمرشل ۽ صنعتي واهپيدارن لاءِ گئس جي قيمتن ۾ 193 سيڪڙو واڌ جي منظور ڏني وئي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي گئس قيمتن ۾ واڌ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي. نئين قيمت پهرين نومبر کان لاڳو ٿيندي. مالي سال 24-2023ع لاءِ قدرتي گئس جي سيلز قيمتن ۾ ترميم بابت پيش سمري تي غور ڪيو ويو آهي، اي سي سي ٽيرف شيڊول موجب سمريءَ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا پهرين نومبر کان لاڳو ڪئي ويندي. صوبن کي چيو ويندو ته درآمدي لاڳت برداشت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪن. ان جو مطلب اهو آهي ته گئس بنهه گهڻي مهانگي ڪئي پئي وڃي.

جڏهن عام استعمال جو ڪوبه اسم مهانگو ٿئي ٿو ته ان سان لاڳاپيل جيڪي به شيون آهن، اهي سڀ مهانگيون ٿي وينديون آهن، جيئن جن ڪارخانن ۾ گئس استعمال ٿيندي هوندي ۽ اتي جيڪي شيون تيار ٿينديون هيون، اهي سڀ مهانگيون ٿي وينديون. عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو ايڏو بار وجهڻ ان ڪري به ٺيڪ ڪونهي جو ماڻهو اڳ ئي مهانگائي سبب پريشان لڳا پيا آهن. تنهن کان پوءِ گئس جي قيمتن ۾ ايتري حد تائين واڌ ڪنهن به ريت عوام کي قابل قبول ڪونه هوندي ۽ نه ئي هو اهو چاهيندو ته ايتري مهانگي گئس هو ٻاري. پاڪستان ايران کان سستي گئس وٺي سگهي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ گئس پائيپ لائين جو منصوبو سالن کان رولڙي جو شڪار لڳو پيو آهي. جيڪڏهن ايران کان گئس ورتي وڃي ته عوام کي سستي گئس فراهم ڪري سگهجي ۽ ان سان پاڪستان ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ جو به خاتمو ڪري سگهجي ٿو پر هتي صورتحال اها آهي جو ڪابه حڪومت ايران پاڪستان گئس لائين منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪونهي. نتيجي ۾ عوام لاءِ رڳو مهانگي گئس آهي. اهو سدائين ڳرا بل ڀريندو رهي ٿو ۽ حڪمران مزي سان ويهي عوام جي پئسي تي عياشون ڪن ٿا.
اسين سمجهون ٿا ته گئس جي اگهن ۾ بنهه گهڻُي واڌ ڪرڻ هڪ عوام دشمن فيصلو آهي، جنهن جي جيتري به نندا ڪجي سا گهٽ آهي. تنهنڪري هي فيصلو ترت واپس ورتو وڃي ۽ ان کانسواءِ توانائي جا متبادل ذريعا به ڏٺا وڃن، جن سان ٻارڻ جو مسئلو حل ٿي سگهي. ٻي صورت ۾ عوام لاءِ مهانگي گئس ڪنهن به ريت لاڀائتي ثابت ڪونه ٿيندي ۽ نه ئي عوام نون اگهن وارا بل ڀري سگهندو. هن وقت به عوام بجليءَ جي بلن ۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ اهي به نٿو پياري سگهي ته ڇا اهو ايتري مهانگي گئس جا بل ڀري پنهنجو پيٽ پالي سگهندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button