ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پئي ٻيلو: سياحت لاءِ خوشگوار هنڌ

Editorial-Article-Ghulam Hussain

سنڌ جي ٻيلن جو ذڪر ٿئي ته تاريخي پئي ٻيلو سنڌ جي ٻيلن جو بادشاهه ٻيلو سڏبو آهي، جيڪو سڪرنڊ لڳ اولهه ۾ درياهه ڪنڌي واقع آهي. ڪنهن دور ۾ صنعتي ۽ زرعي حب طور سڃاتو ويندو هو، جتي عمارتي ڪاٺ ماکي مکڻ مختلف قسمن جا قيمتي پکي ۽ جانور جن ۾ تتر ٻٽير طوطا هرڻ ڦاڙها ڏسڻ ۾ ملندا هئا. خونخوار جانور به هنن ئي ٻيلن ۾ پلبا هئا جن جو به ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊپ رهندو هو. اها الڳ ڳالهه آهي ته هاڻ هنن جو انگ گهٽجي چڪو آهي جو ظالم شڪارين سندن نسل ڪشي ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر ناهي ڇڏي۔ اسان هتي زهريلا نانگ به ماريو ڇڏيون. جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ زهريلن نانگن مان انساني بچاءُ واريون دوائون به ٺهن ٿيون، جن کي به قيمتي سمجهيو ويندو آهي.
درياهه سنڌ جي ڪنڌيءَ تي هجڻ ڪري پئي ٻيلو مالوند مارن جو ماڳ هو جتي چوپائي جي نسلن جي به واڌ ويجهه ٿيندي هئي جنهن ۾ اٺ، ڍڳيون، مينهون، ٻڪريون ۽ رڍون پلبيون هيون جن جا ولر ڏسڻ وٽان ملندا هئا، جيڪي هن وقت گهٽجي چڪا آهن. ايئن کڻي چئجي ته اڻلڀ آهن. جڏهن ٻيلن جو عروج هو ته ڀرپاسي جي مارڪيٽن ۽ دڪانن ۾ واپرائڻ لاءِ ماڻهن کي نج کير مکڻ ۽ گيهه آسانيءَ سان ميسر هوندو هو، جيڪو پڻ هاڻ اڻلڀ آهي۔ پئي ٻيلو جيڪو سڪرنڊ باءِ پاس وٽان شروع ٿيندو هو، درياهه جي ڪنڌيءَ تائين وڃي نڪرندو هو. اهو هن وقت پنهنجو عروج وڃائي ويٺو آهي، جنهن جا ڪجهه حصا ليز ٿي وڏن طاقتورن کي ملي چڪا آهن، جتي وڻ وڍي زرعي فصل پوکيا پيا وڃن. سنڌ جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو زرعي فارم به ٻيلي جي حدن ۾ قائم هو، جتي نين جنسن جي وڌاءُ جو عمل ٿيندو هو. جيڪو اڳتي هلي سيڊ ڪارپوريشن حوالي ٿيو. جتي وونئڻن جي وڌاءُ ۽ تحقيق ٿي رهي آهي پر سيڊ ڪارپوريشن جي ناڪامي سبب هي فارم نقصان ۾ آهي ۽ ناڪام سڏجي ٿو.
سڪرنڊ شهر لڳ پئي ٻيلي جي اوائلي حدن ۾ باءِ پاس لڳ پلاٽنگ جو ڪم به هلي پيو، سوسائٽيون پيون قائم ٿين۔ وڻن جي واڍي سبب سڪرنڊ جي آبهوا کي به ڪاپاري نقصان رسيو آهي ۽ گرمي پد وڌيو آهي. پئي ٻيلو انگريز سرڪار علائقي جي اهميت موسمي حالتن ۽ وڌندڙ آلودگيءَ کي نظر ۾ رکندي قائم ڪيو هو، جيڪو درياهه ڀرسان وهندو هو ۽ ان وقت سنڌ ۾ عمارتي ڪاٺ جي سخت ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. ٻارڻ لاءِ به ڪاٺيون ۽ ڪوئلو گهربل هو جيڪو سنڌ جي وڏن وڏن شهرن توڙي ٻين صوبن ۽ پرڏيهه به ويندو هو جنهن سان سنڌ ۾ خوشحالي هوندي هئي.
هن ٻيلي جي اهميت ۽ مختلف قسمن جي حلال جانورن ۽ پکين جي موجودگيءَ کي محسوس ڪندي وقت جي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ٻيلي کي شڪارگاهه جو درجو ڏنو هو ۽ پنهنجي لاءِ هڪ قيمتي بنگلو ريسٽ هائوس جي نالي ۾ 1961ع ۾ اڏايو هو، جيڪو هن وقت به ساڳي شان شوڪت سان قائم آهي. هن وقت اهو بنگلو ڪجهه ٻين قوتن وٽ سيڪيورٽي لحاظ کان سندن حوالي ٿيل آهي۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پئي ٻيلي کي عوام جي تفريح لاءِ کوليو وڃي ۽ پئي زرعي فارم جو عروج بحال ڪيو وڃي، جنهن مقصد لاءِ هي فارم انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيو هو.
پئي ٻيلي ۾ موجود بنگلي جي اها به اهميت ۽ تاريخ آهي ته ايوب خان جي زوال کانپوءِ پئي ٻيلي وارو بنگلو وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو به استعمال ڪيو. اتي ساٿين سان گڏجي شڪار به ڪيا ۽ ٻيلي جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ حڪم ۽ سهولتون به فراهم ڪيون۔ جنوري 1977ع وارو سندس آخري قيام هن بنگلي ۾ رهيو ۽ وڻ به لڳايو جيڪو هن وقت به اتي موجود آهي۔
وفاق، سنڌ ۽ نجي ادارا گڏيل طور ونڊ وجهي سفاري پارڪ جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سفاري پارڪ کي ڪامياب بنائڻ ۽ عوام کي سفر جون سهولتون ميسر ڪرڻ لاءِ سن ۽ سڪرنڊ وچ ۾ درياهه تي پل به اڏڻ لازمي ٿيندي جو نيشنل ۽ انڊس موٽر ويز ڳنڍجي ويندا، سياح آسانيءَ سان اتي پهچي سگهندا. پئي ٻيلي جي اندر سياحن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي فراهميءَ لاءِ هوٽلن جي قيام لاءِ به ڪوششون وٺڻيون پونديون، جنهن سان گورک ۽ رني ڪوٽ کانپوءِ پئي جو هنڌ سياحت جي لحاظ کان اوسر ڪندو. پئي ٻيلو سڪرنڊ جي هڪ تاريخ ۽ سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي جنهن کي تفريحي ماڳ قرار ڏئي عوام لاءِ کوليو وڃي۔

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button