هو ڪالھه سياري جي سَنبت ڪري رهيو هو. هائو سياري جي اها سَنبت، جنهن ۾ کيس ڀِڪشوئن سان رَلجي آشرم جي اُها لانڍي ٻيهر اڏڻي هئي، جيڪا گذريل ساوڻ ۾ سِنڌو پائي ويو هو. سو ايئن هو تڪڙيون ٻرانگُهون کڻندو آشرم ڏانهن پئي ويو ته راهه ۾ کيس اهو ساڳيو پُراڻو دوست مليو، جيڪو کيس سدائين نصيحتون ڪندو رهندو آهي. ۽ ڪالھه بہ کيس چوڻ لڳو:
“تون آخر ڪيستائين ايئن تصور جي تُرهي تي تَري سگهندين؟ جيتوڻيڪ هنن پکين، وڻن ۽ گُلن ٻُوٽن جي پچار ۽ لانڍين جو پنهنجو حُسن ضرور آهي پر زماني جي اصل سچائي اڃان گهڻي اڳتي اٿئي ميان!! هڪ محڪوم ۽ مظلوم قوم هئڻ جي ناتي تو مٿان جيڪي ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون، سي ذميواريون تون آشرم ۾ ويهي نٿو ادا ڪري سگهين. ان ڪم لاءِ هر لوچيندڙ واسطي هڪ ذميوار سياسي سماجي تحرڪ اڻٽر آهي. تنهنڪري انهي ابهام واري اسٿان تان توکي موٽي اچڻو پوندو.”
ها، اها نصيحت جيڪا منطق جي بنيادن تي هئي، تنهن ۾ هي گهڻو نٿي ڳالهائي سگهيو. هونئن به جڏهن سندس دوست بحثا بحثي ۾ پئجيو ٿا وڃن، تڏھن هي اڪثر ماٺ ٿيو وڃي. تنهنڪري اڄ به اتان ماٺ ڪري اڳتي وڌي وڃڻ کانسواءِ وٽس ٻي ڪا واهه ڪانه هئي. سو هو دوست کان هٿ ٻڌي موڪلائي هليو، انهي ڦُلواڙي ڏانهن، جتي گُوندر جي گِرنار جو گُل خاموشيءَ جي ماڪ ۾ وهنجدي، هر لمحي نئون ٽِڙندو رهي ٿو. ايئن سوالن جوابن جي سنگلاخيءَ مان نڪري هو پنهنجن ڌُوڙ ڌوتل سنگين وٽ جيئن ئي پهتو ته اُتي ويراڳ هلندڙ هو ۽ جنهن ٻول جو آواز سندس سماعتن تائين پهرين پهرين پهتو سو هي ٻول هو:
سِک رمز وجود وڃاوڻ دي
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي
ها، اها ئي ڳالهھ اندر ۾ سانڍي هي به ته ڀِني رهاڻ مان اٿي هليو هو! اها ڳالهھ جيڪا هو پنهنجي دوست کي چوندي چوندي نه چئي سگهيو، جو کيس خبر هئي ته سندس دوست جيڪو بحث جو شوقين آهي، سو وري اجايو ڊيگھه ۾ پئجي ويندو. ٻيو ته هن تازو البرٽ ڪامو کان ٽالسٽاءِ تائين ۽ فارابي کان الڪندي تائين جهڙن خيال نگر جي نانگن جو مختصر تعارف پڙهندي ڪٿي اهو پڙهيو هو ته:
“هر لفظ کي پنهنجو روح هوندو آهي.”
پر هن اتي وري اهو سوچيو ته ڀلا هي جيڪي هر ڏينهن هن جهان ۾ اربين کربين لفظ ڳالهايا ٿا وڃن، ڇا تن سڀني کي روح آهي؟ ۽ پوءِ پنهنجي ئي اندر جي ايوان ۾ وڄندڙ گِهنڊ مان اها ورندي مليس ته نه، روبوٽن جي لفظن ۾ روح نه هوندو آهي. اهي لفظ جن ۾ ساهه هوندو آهي سي فقط عشق پاران حُسن جي شان ۾ ڳاتل لفظ ئي هوندا آهن. ها البت هر لقاءُ کي پنهنجي پنهنجي تاثير ضرور آهي. هي جنهن جي پيرن ۾ شهر جي جُتي ۽ ڪُلهي تي ڳوٺ جي شال آهي، تنهن وري پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندي اڳتي چيو:
“جيڪڏهن هيلوڪي مُند ۾ ڦُلهاريل ٻَٻُر جو وڻ مون کي رستي ۾ روڪي، روشنين جي شهر اندر ڪنهن گورک ڌنڌي ۾ گم ٿي ويل ڪنهن صورت لاءِ ڪوئي نياپو ڏي ٿو ته آخر آئون اهو نياپو اُن تائين ڪيئن نه پهچايان؟” ۽ ايئن پوءِ هو وڻن ۽ جيتن جڻن جي حوالي سان سوچيندو اڳتي هلندو رهيو. هلندي هلندي سوچيائين ته ساوڻ جي اوسيئڙي ۾ بيٺل تَساري ڪِرڙ جي ڪايا جي ڪابه معنيٰ ناهي؟ ڇا آئون ان اڃايل ڪِرڙ جي وجود کي نظرانداز ڪري گُذري وڃان؟ ڇا هِن هيڏي وڏي ڪائنات ۾ رڳو ماڻهو جي ئي اهميت آهي؟ پر وري به پاڻ ئي پنهنجي پاڻ کي جواب ڏنائين ته ڀل جو کڻي سندس سوچ کي عقل وارا ڏند ڪٿائن جي پوڄاڪاري ڪوٺيندا رهن، پر جن کي “اکيون ۽ ڪَن” آهن سي هن مانڌاڻ واري دنيا مان نڪري، اهڙو اسٿان ڳولي ٿا سگهن، جن اسٿان جي وڻن مٿان ٻوليندڙ ڪانگا ڪڏهن به ڪُوڙا ناهن ٿيندا. ها، اهي ماڳ ۽ مڪان، جن جي وڻن مٿان هِتان ڪانگا لَنويا ناهن ۽ هُتان محبوب پهتا ناهن.
سو ڀاءُ منهنجا!! ڳالھه دراصل اها آهي ته جن سان فطرت همڪلام ٿيندي آهي، سي پَنا پڙهڻ واري ڪِرت ۾ گهڻو ناهن پوندا. انهن جي تعيلم ڪَکن پَنن مان پئي ٿيندي آهي. اهي جيڪي رڳو پڙهن ٿا پر ڪڙهن نٿا، تن کي اها خبر گهٽ پوندي آهي ته جڏهن سياري جي آمد دوران ٻٻر ڦُلڙيون ڪندا آهن ته انهن مٿان مست ٿي ڀيرا ڏيندڙ ڀنئورن جي ڀُون ڀُون ۾ ڪنهن لاءِ ڪهڙو نياپو هوندو آهي؟ ۽ ٻيو ته سياري ۾ اڏجندڙ لانڍي جي مَچ لاءِ اڳواٽ ڪڙڄ ۽ ڪاٺـيون ميڙيندڙ ڀِڪشو جي سيني ۾ ڪهڙو ساز وڄي رهيو آهي!