ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀان سيد آباد جي آبادگارن جو احتجاج

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو ۽ احتجاج هلندو رهندو آهي. خاص طور سنڌ جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ گهڻي هوندي آهي، جنهنڪري آبادگارن جي زرعي معيشت سخت متاثر ٿيندي آهي پر ان پاسي نه ته آبپاسي کاتو ڌيان ڏيندو آهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ڪو تحرڪ وٺندي آهي. سنڌ سان پاڻيءَ جي معاملي ۾ پنجاب هونئن به ناانصافي ڪندو رهندو آهي. اهو سنڌ جو پاڻي روڪي پنهنجون ٻنيون آباد ڪندو آهي، ڪئنال وهائيندو آهي ۽ ڏهاڪن کان ان ڳالهه تي زور ڏيندو پيو اچي ته سنڌو درياهه تي ڊيم اڏيا وڃن، جنهنڪري سنڌ جو پاڻي زور زبردستي پنجاب کڻي رهيو آهي. پر جيڪو پاڻي بچي ويندو آهي، اهو به سنڌ جي آبادگارن کي منصفاڻي ورڇ وسيلي ڪونه ٿو ملي. آبادگار دانهون ڪندا رهندا آهن، اهي روڊن تي هوندا آهن ۽ اهي هر حوالي سان پنهنجو آواز اختيارين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر تنهن هوندي به انهن جا مطالبا ٻڌا اڻ ٻڌا ڪيا ويندا آهن. نتيجي ۾ نه رڳو آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي پر سنڌ جي زراعت پڻ سخت متاثر ٿي رهي آهي. ڀان سيد آباد ۾ به صورتحال خراب آهي، جتي آبادگار احتجاج ڪري پنهنجو ڪيس وڙهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن.
ڀان سيد آباد ۾ آبادگارن پاران زرعي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي روڊ تي پير شاخ وٽ ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ويو آهي. جنهنڪري روڊ تان هلندڙ ٽريفڪ بيهي رهي. آبادگارن دانهيندي چيو ته آبپاشي عملدار هٿ وٺي زراعت کي تباهه ڪري رهيا آهن. دائم برانچ، دل شاخ، اڪتڙ شاخ، ڀان مائينر شاخ کي هٿ سان سڪائي پاڻي چوري ڪرائي آبپاسي عملو پاڻي کپائي رهيو آهي. شاخن ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. آبادگار توڙي هاري فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ان کانسواءِ قرض ۽ وياج تي ٻج وٺي زمينون پوکيو پيون وڃن. سندن اهو پڻ چوڻ هو ته آبپاشي عملدار ڳٺ جوڙ ڪري اسان کي برباد ڪري رهيا آهن ۽ زمينون پاڻيءَ لاءِ سڪي ويون آهن. سنڌ ۾ آبادگارن سان لڳ ڀڳ اهڙي ئي حالت آهي. انهن کي گهربل پاڻي به نٿو ملي، جنهن وسيلي اهي پنهنجون زمينون آباد ڪري سگهن. اهڙي صورتحال ۾ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته آبادگارن جون حالتون تبديل ٿي سگهن ۽ اهي معاشي طور بهتر ٿي سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته ڀان سيد آباد جي آبادگارن جون شڪايتون جائز آهن. جن جو ازالو آبپاشي کاتو ڪري سگهي ٿو. ان کانسواءِ جتي به پاڻي چوري ٿي رهيو آهي يا جيڪي ماڻهو به پاڻي چوريءَ ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي ڪنهن کي اها اجازت ڏني وڃي ته اهو ٻئي آبادگار جو پاڻي چورائيندو. سنڌ جي آبادگارن ۾ خوشحالي ان وقت اچي سگهي ٿي، جڏهن انهن کي گهربل مقدار ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سنڌ جون شاخون سڪل هونديون ۽ آبادگارن جو معاشي قتل به ٿيندو، تنهن کانسواءِ سنڌ جي زرعي معيشت به تباهه حال لڳي پئي هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button