ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سارين جي آبادگارن جو احتجاجي ڌرڻو

ڪجهه وقت کان سارين جي آبادگارن جي احتجاج جو سلسلو جاري آهي. سنڌ ۾ آبادگارن جي معاشي حالت ڪيتري خراب ٿي چڪي آهي، ان جو اندازو آبادگارن جي احتجاجن مان لڳائي سگهجي ٿو. جن جي ڪمائي جو ذريعو ٻني ٻارو هوندي آهي پر جڏهن کين فصلن سان سٺا اگهه نه ملن يا وري وقت سر پاڻي نه ملي ته صورتحال خراب ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ اهي نه رڳو بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن پر انهن لاءِ زمين ڄڻ ته ڪمائيءَ جو ذريعو ڪونه ٿي رهي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جون دانهون ٿينديون رهنديون آهن، ڇاڪاڻ ته هتي پاڻيءَ جي ايتري ته غيرمنصفاڻي ورڇ ڪئي ويندي آهي جو پوڇريءَ جي آبادگارن کي پاڻي ملي ڪونه سگهندو آهي. نتيجي ۾ نه رڳو اهي احتجاج ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن پر انهن لاءِ ايندڙ مند ۾ فصل پوکڻ به ڏکيو ٿي پوندو آهي. تنهنڪري انهن وٽ احتجاج کانسواءِ ٻي ڪا واهه ڪونه هوندي آهي. هن وقت سنڌ ۾ سارين جا مناسب اگهه نه ملڻ ڪري آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ اهو مطالبو پڻ ڪري رهيا آهن ته کين سارين جا مناسب اگهه فراهم ڪيا وڃن پر هيستائين ڪجهه به ممڪن ڪونه پيو لڳي.

بدين ۾ اڪرم واهه جو پاڻي سکر بئراج جي زمين تي شفٽ ڪرڻ سارين جا اگهه نه وڌائڻ خلاف آبادگارن 8 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو. ٽيل آبادگار ايسوسيئشن طرفان سيد سمن شاهه جي درگاهه کان پنگريو تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. آبادگارن جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي سنڌ پاران بدين جي پوڇڙي وارن آبادگان کي فصل پوکڻ لاءِ پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪو پاڻي اڪرم واهه مان ملي ٿو، اهو به بدين ضلعي ۾ سکر بئراج جي بااثرن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سکر ٽيل ۾ شفٽ ڪيو پيو وڃي. جيڪو پوڇڙيءَ جي آبادگارن لاءِ معاشي قتل جو وارنٽ آهي. جڏهن ته ڀاڻ ۽ ڊيزل جي ڳاٽي ٽوڙ اگهن هوندي سارين جو فصل وڏي مشڪل سان تيار ڪرڻ کان پوءِ سارين جا اگهه ڪيرائي غريب آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦريو پيو وڃي. جيڪو وڏو ظلم آهي. سنڌ ۾ سارين جو فصل هر سال وڏي مقدار ۾ تيار ٿيندو آهي ۽ ان جا اگهه به بهتر هوندا آهن پر هن سال سارين جا اگهه ڪيرائي سنڌ جي آبادگارن کي نقصان ڏنو پيو وڃي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي آبادگارن سان ڪهڙي ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هڪ پاسي اهي پاڻي نه هئڻ جي شڪايت ڪن ٿا ته ٻئي پاسي گهٽ اگهه تي ساريون خريد ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا.
اسين سمجهون ٿا ته آبادگارن سان لاڳاپيل هي هڪ سنجيده مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ بنهه ضروري آهي. ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ جيڪي آبادگار سارين جي گهٽ اگهه هئڻ سبب پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. زراعت کاتو ان حوالي سان پنهنجون ذميواريون نڀائي. ڇاڪاڻ ته سارين جي فصل ۾ انهن پئسو سيڙايو آهي. جنهنڪري انهن کي پنهنجي فصل جي اپت ملڻ گهرجي. تنهنڪري آبادگارن جي جائز مطالبن تي ترت عمل ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button