ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف: پسمنظر ۽ پيشمنظر

ڪجهه عرصو اڳ وري لنڊن پلان جو ذڪر ٿيندو رهيو. اهو لنڊن پلان نواز شريف جي واپسي بابت چيو پئي ويو. نيٺ نواز شريف هن مهيني جي 21 تاريخ تي ڏيهه واپس موٽي آيو ۽ هن لاهور جي علامه اقبال پارڪ ۾ وڏي جلسي کي خطاب پڻ ڪيو. اهو هڪ مناسب خطاب هو. جنهن ۾ هو اهو به چئي ويو ته پاڙيسرين سان ڦٽائي نٿو سگهجي. جنهن جو مطلب نواز شريف اڄ به پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو. تنهنڪري هن اهڙو ذڪر پنهنجي تقرير ۾ پڻ ڪيو هو.
نوا شريف جو اقتدار جيئن ويو ته ملڪ تي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي آشير واد سان هڪ اهڙي هائبرڊ حڪومت قائم ڪئي وئي، جيڪا نه ته ملڪ جي معاشي معاملن کي حل ڪري سگهي ۽ نه ئي اها ٻين ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪري سگهي. عمران خان نيازي وزير اعظم هوندي به ملڪ جي ساک بهتر نه ڪري سگهيو. هو ٻاهرين فورم تي سڌي ريت چوندو رهيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن آهي ان ڪري ڪا ٻاهرئين سيڙپڪاري ڪونه ٿي ٿئي. سندس حڪومتي دور ۾ سي پيڪ کي تالو لڳي ويو ۽ ان رٿا ۾ ڪابه اڳڀرائي ڪونه ٿي سگهي. ان ئي حڪومت ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. ماڻهو مهانگائي خلاف دانهون ڪندا رهيا ۽ پي ٽي آءِ جا وزير مشير ماڻهن سان مشڪريون ڪندا رهيا، ڪڏهن ماني گهٽ کائڻ جي صلاح ڏيندا هئا ته ڪڏهن ته وري کنڊ جا ڪجهه داڻا چانهه ۾ گهٽ وجهڻ جو مشورو ڏيندا هئا. سندن بيانن مان به اهو ئي لڳندو هو ته اهي وزير نه پر مشڪرا آهن.
هاڻ جڏهن نواز شريف جي واپسي ٿي چڪي آهي ته هن سياسي طور پاڻ کي سرگرم رکڻ لاءِ ڪوششُون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان کان سواءِ هن تي جيڪي ڪيس آهن، انهن ۾ به ضمانتون ملي رهيون آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪي ڌريون ڪالهه سندس مخالف هيون، اهي هڪ ڀيرو وري نواز شريف کي اهو موقعو ڏيڻ چاهين ٿيون ته هو اقتدار جي مسند تي ويهي ملڪي معاملا سنڀالي، خاص طور هو ملڪ جي معاشي معاملن کي حل ڪري. نواز ليگ جو معاشي معاملن کي بهتر ڪرڻ جو ماضي ۾ تجربو رهيو آهي. ان کان سواءِ نواز شريف جي دور ۾ ملڪي سطح جا وڏا منصوبا پڻ شروع ٿيا. پر جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به وزير اعظم کي پنج سال پورا ڪرڻ ڪونه ڏنا ويندا آهن، تنهنڪري نواز شريف به انهن وزير اعظمن مان هڪ آهي، جيڪو ٽي ڀيرا وزير اعظم ٿيو پر کيس پنج سال پورا ڪونه ڪرڻ ڏنا ويا.
جڏهن ڪا حڪومت يا وزير اعظم پنهنجي مدي جا پنج سال پورا نٿا ڪن ته پوءِ جمهوري تسلسل برقرار نٿو رهي سگهي ۽ نه ئي سياسي طور ملڪ ۾ ڪو استحڪام اچي سگهي ٿو. تنهنڪري جيڪي ترقياتي رٿائون شروع ٿينديون آهن، اهي به اڻپوريون رهجي وينديون آهن. هاڻي جڏهن نواز شريف جي واپسي ٿي چڪي آهي ته هو هن سڄي سياسي ماحول ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽي رڳو سنڌ تائين محدود هوندي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ جي هن ڀيري به وفاقي حڪومت ۾ جاءِ ڪونه پئي ٺهي. تنهنڪري ان کي وري به سنڌ حڪومت ڏني ويندي.
جڏهن ته ملڪ ۾ عمران خان نيازيءَ جهڙا تجربا ڪيا ويندا آهن ته ان سان نه رڳو سياسي ماحول بگاڙ جو شڪار ٿيندو آهي پر ملڪ به ڪئين ڏهاڪا پوئتي هليو ويندو آهي. ڪمپني بهادر اڃا به تجربا ڪرڻ کان مڙي ڪونهي پر ان کي اهو اندازو ضرور هجڻ گهرجي ته سندس ڪيل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪيترو ڀوڳيندو رهيو آهي. نواز شريف جي واپسيءَ جو اهم ڪارڻ ان گند کي صاف ڪرڻ آهي جيڪو ڪمپني بهادر ڪيو آهي ۽ سدائين جيان سياستدان ان کي صاف ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button