ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر جي ڪجهھ سرويز ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ مون پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن (ايس آر پي او) کان ڪئي. سنڌ حڪومت جي پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ کاتي تحت ڪم ڪندڙ ان اداري جو ڪم سنڌ جي معيشت جي مختلف پاسن تي سروي ۽ اسٽيڊيز وغيره ڪرڻ هو. مختلف عالمي ادارن پاران ان مقصد لاءِ اداري کي امداد به ملندي هئي ۽ انهن جا نمائندا به اداري ۾ مقرر ڪيا ويندا هئا.
هڪ دوست جي حوالي سان ان اداري جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بدر سومري سان ملاقات ٿي. نوڪري ڏيڻ کان اڳ هن مون کي سنڌ ايگريڪلچر سروي جي ٽيم ۾ شامل ڪيو. ان سروي ۾ ائين چئجي ته ٿر کي ڇڏي باقي ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور کان سجاول ٺٽي تائين سڄي سنڌ شامل هئي. ان سروي جي ڪجهھ عرصي کانپوءِ مون کي اداري جي ڊائريڪٽر رشيد شيخ سان ملڻ لاءِ چيو ويو. هن ڪجھه سوال ڪيا ۽ اهڙي ريت مون کي اتي نوڪري ملي وئي.
ڊاڪٽر سومرو ٽنڊو ڄام ڪاليج جو گريجوئيٽ هو. سندس واسطو شڪارپور سان هو. هو پنهنجي طبيعت ۾ هڪ نرم مزاج ماڻهو هو ۽ پنهنجن ماتحتن تي هروڀرو ڪا سختي نه ڪندو هو پر ممڪن حد تائين کين رعايت ڏيندو هو. مون کي هو چوندو ته آئون توهان جو وڏو ڀاءُ آهيان. ائين به ٿيندو هو ته ڪڏهن آفيس جي ڪم جي ڪري موڪل واري ڏينهن آفيس اچڻ جي ضرورت هوندي هئي ته بجاءِ حڪم ڪرڻ جي جيڪو سندس اختيار هو، هو پڇندو هو ته ڇا اوهان موڪل واري ڏينهن اچي سگھو ٿا. جيڪڏهن کيس مجبوري ٻڌائبي ته هو ان تي وڌيڪ اصرار نه ڪندو هو. مون سان هن ٻي ڀلائي اها ڪئي ته جڏهن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي وسيلي منهنجي پاڪستان حڪومت جي ايڪانامسٽ ۽ پلانرز گروپ ۾ سليڪشن ٿي ته هن مون کي صلاح ڏني ته هتان استعيفا نه ڏيو بلڪه موڪل وٺي وڃو ۽ اتي حالتن جو جائزو وٺي پوءِ ڪو فيصلو ڪريو. اها ڪارائتي صلاح هئي. ڇاڪاڻ ته اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ خبر پيئي ته حڪومت پاران اهي پوسٽون ئي ختم ڪيون ويون هيون. ڪجھه ڏينهن ۾ آئون ڪراچي موٽي آيس ۽ وري ساڳي نوڪري جوائن ڪئي. بهرحال ڪجهھ عرصي کانپوءِ ئي اسٽيٽ بينڪ ۾ منهنجي سليڪشن ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر مون کي فوري طور اتي جوائن ڪرڻ لاءِ چيو.
هتي نذر ميمڻ، جيڪو سگا سان لاڳاپيل هو، به ڪم ڪري رهيو هو. هو اسٽيٽ بينڪ مان هتي ڊيپوٽيشن تي آيو هو. آئون جڏهن اسلام آباد وڃي رهيو هئس ته هن مون کي اتان جي سگا جي ڪجهھ عهديدارن جا نالا ۽ نمبر وغيره به ڏنا. نذر ميمڻ وري موٽي اسٽيٽ بينڪ نه آيو ۽ هتان ئي ٻين کاتن ۾ هليو ويو. هتي ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ سري لنڪا جو هڪ همراه پڻ ايڊوائيزر طور ڪم ڪري رهيا هئا. عبدالرحمان نقاش سان منهنجي هونئن غائبانا واقفيت ته هئي پر پهرين ملاقات هن اداري ۾ ئي ٿي.
هن اداري ۾ گھڻي ڀاڱي اهڙا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هيون جيڪي تازو يونيورسٽي ۽ مختلف ڪاليجن مان فارغ ٿيا هئا. ٻه ڇوڪريون، جيڪي پاڻ ۾ ڀينر به هيون، منهنجون ڪلاس فيلو هيون. منهنجي ايگريڪلچر ڊويزن ۾ منصور ميمڻ، جيڪو ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جو گريجوئيٽ هو، مون سان گڏ ۾ ويهندو هو. سندس تعلق شڪارپور سان هو. شير محمد ميمڻ جو واسطو کهڙا سان هو. ساڻس منهنجو هڪ ٻيو تعلق هن ريت به هو ته کهڙا ۾ منهنجا ڪجھه مائٽ سندس دوست هئا. شير محمد منهنجي اتي هوندي ئي الائيڊ بينڪ هليو ويو. سرور ميمڻ جو واسطو به شڪارپور سان هو. ان کانسواءِ رضوانه نالي هڪ اسسٽنٽ هوندي هئي.
هتي جيئن ته گھڻو انگ نوجوانن جو هوندو هو، ان ڪري ڇوڪرن ڇوڪرين ۾ دوستيون ۽ فلرٽ وغيره هڪ عام ڳالهه هئي. خاص طور هڪ ڇوڪريءَ جي معاملي تي ٻه ڄڻا ڪافي سنجيده ٿي ويا. هڪ ڄڻو ان ڇوڪري سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
هتي اسان کي جيڪو نائب قاصد مليل هو، اهو به نهايت دلچسپ ماڻهو هو. ڪراچيءَ جي ڪنهن ڳوٺ سان سندس واسطو هو. ڪنهن به ڪم کان منع نه ڪندو هو. سندس نالو محمد صديق هو پر شايد کيس اهو نالو پسند نه هو. ان ڪري هو پاڻ کي مختلف فلمي نالن سان سڏائيندو هو. هتي مون اٽڪل پوڻا ٻه سال جنوري 1978ع کان سيپٽمبر 1979ع تائين ڪم ڪيو. اهو منهنجي سڄي ڪيريئر جو هڪ خوشگوار ۽ يادگار وقت آهي ۽ آئون اهو ياد ڪندو آهيان.