پاڪستان جي رياستي سياست ۾ هڪ تبديليءَ جو عمل شروع آهي. هڪ حوالي سان اهو عمل چست ۽ ٻي حوالي سان ڪجهه سست آهي. پر پوءِ به ان جي لڳاتار چرپر هاڻي ڪنهن به اک کان ڳجهي ناهي.
ميان نواز شريف جي محفوظ واپسي ۽ هن کي ملندڙ پروٽوڪول مان اهو ثابت ٿيڻ مشڪل ناهي ته اسٽيبلشمينٽ واري برف رجي رهي آهي. هونءَ به هڪ ملڪ کي هن دور ۾ عالمي برادريءَ جي ڀرپور سهڪار کانسواءِ هڪ بند سسٽم يعني مارشل لا جهڙي ماحول ۾ رکڻ ممڪن نه آهي. ڇو ته دنيا ۾ هر قسم جون تبديليون اڏام کٽولن وانگر اڏامي رهيون آهن. ملڪ پاڻ ۾ ائين ملي ويا آهن جو انهن کي الڳ الڳ ڪرڻ ممڪن نه رهيو آهي. ڪوئي ڪيترو به سگهارو ۽ سفاڪ ملڪ ڇو نه هجي پر هو هر اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي نه ٿو سگهي. اهوئي سبب آهي ته تمام خوفناڪ اعلان ڪرڻ جي باوجود به جڏهن عمل جو وارو آيو ته اسرائيل غزا جي حوالي سان پاڻ کي مشڪل ۾ محسوس ڪيو. اسرائيل کي اهو احساس ٿيڻ ۾ گهڻي دير نه لڳي ته جيڪڏهن هن کان وڌيڪ ٽيڪنالاجي ۽ وڌيڪ عالمي ساٿ هجڻ جي باوجود آمريڪا افغانستان ۾ خوار خراب ٿي نڪري سگهي ٿو ته اسرائيل ڪهڙي باغ جي موري آهي؟ هن ڀيري جڏهن ايران هن کي پنهنجي اصلي اک ڏيکاري آهي ۽ کيس ٻڌايو آهي ته هن جو وجود ڪيترو مختصر آهي ۽ هو پنهنجي تحفظ جي حوالي سان ڪيترو ڪمزور آهي؟ ته ان قسم جون ڳالهيون اسرائيل ۽ انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جي دل ۾ هڪ دهشت پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن.
طاقت کي ڪڏهن به دوام نه رهيو آهي. طاقت سدائين پنهنجا روپ رنگ ۽ پنهنجا دام توڙي دنگ تبديل ڪيا آهن. پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ تمام گهڻي سگهاري رهي آهي. آخر ڏهاڪن تائين ماڻهن کي ڏهڪائي انهن مٿان آمريت مڙهڻ جو عمل ايترو آسان نه هو. پر هاڻي مارشل لا لاڳو ڪرڻ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مشڪل آهي. ڇو ته ماڻهن ۾ هر سطح تي مزاحمت جو جذبو جاڳي پيو آهي. ماڻهو پنهنجي مٿان جبر کي گهڻي دير تائين قبول نه ٿا ڪن. ان ڪري جيڪي به غلطيون يا غلط ڪاريون ٿين ٿيون، انهن تي ڳنڍ ٻڌي ويهڻ وارو موقف قابل قبول نه رهيو آهي. اهوئي سبب آهي ته پاڪستان ۾ به پارلياماني نظام وري پنهنجا پر پکيڙيا آهن. جيتوڻيڪ هن ڀيري به آزادي محدود اڏام جو نالو ۽ حوالو آهي. پر نواز شريف جو واپس ورڻ بذات خود هڪ سياسي عمل جي ابتدا آهي. جڏهن ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته جنهن به سياستدان کي ڪا نه ڪا رعايت ملندي ته ٻين پاران پاڻ سان ناروا سلوڪ جون دانهون آهون ته اوس پيدا ٿينديون.
پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ان سلسلي ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي ڪڏهن ڏک سان ۽ ڪڏهن احتجاج واري انداز سان اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته “ملڪ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ سڀني لاءِ ساڳي هجڻ گهرجي.” هاڻي اهو ته ممڪن نه آهي جو هر ڌر کي هر وقت هڪ جيتري اهميت حاصل هجي. ڇو ته ڪڏهن اهڙي اهميت جڏهن پ پ کي ملي رهي هئي، تڏهن مسلم ليگ (ن) جي چپن تي دانهن هئي ۽ جڏهن تحريڪ انصاف جو ڪڻو نڪتو هو ۽ عمران خان ملڪي سياسي جي ناٽڪ جو هيرو بڻجي پئي هليو ته لڳ ڀڳ پوري پاڪستان جو سياسي پارٽيون هڪ آواز بڻجي احتجاج ڪري رهيون هيون. ساڳي ريت هن مهل جڏهن ميان نواز شريف جي مٿان مهربانيءَ جا مينهن وسي رهيا آهن، تڏهن سياسي سوڪهڙي ۾ رهندڙ پارٽيون ۽ انهن جا سربراهه شڪايت ڪيئن نه ڪندا؟ هو شڪايت ڪندا. ضرور ڪندا ۽ هو شڪايت ڪري رهيا آهن.
پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف وانگر جيل ۾ ناهي. ان ڪري پيپلز پارٽي هر سطح تي پنهنجو موقف آسانيءَ سان پيش ڪري ٿي. جڏهن ته هن جي ڀيٽ ۾ ٻين پارٽين جو ايترو وڏو قد ڪونهي. باقي تحريڪ انصاف ته پي ڊي ايم کان به وڌيڪ بااختيار هجڻ جو ثبوت گذريل ننڍي چونڊ وقت پيش به ڪري چڪي آهي. پر 9 مئي کانپوءِ عمران خان جي مشهور خوقسمتي هن جي تاريخي بدقسمتيءَ ۾ تبديل ٿيل آهي. هو پاڻ جيل ۾ سوگهو آهي. هن جي قيادت به هن وانگر قيد آهي. جڏهن ته ڪنهن ريت پاڻ کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن کان هن وقت تائين بچائڻ وارا پي ٽي آءِ اڳواڻ اڃان تائين روپوش آهن. باقي وفاداريون تبديل ٿيڻ جو سلسلو ته هن وقت تائين زور شور سان جاري آهي.
تحريڪ انصاف جو اهڙو حشر ڏسي هن جي اڳوڻي اڳواڻ هن پاران ملڪ جو صدر بڻايل شخص محترم عارف علوي اهو ضروري سمجهيو آهي ته هو پنهنجي پارٽيءَ جي حق ۾ آواز اٿارڻ جو فرض پورو ڪري. ان سلسلي ۾ هن هڪ نجي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪجهه انڪشاف، ڪجهه اعلان ۽ ڪجهه ايلاز ڪيا آهن. هن جي اوچتي پر تمام اهم انٽرويو تي هن مهل تائين منظم قسم جو ردعمل سامهون نه آيو آهي. پر ان جي باوجود هن پاڪستان جي سياست جي سانتيڪي پاڻيءَ ۾ جيڪي به پٿر ڦٽا ڪيا آهن، انهن مان لهرون پيدا ٿيون آهن. خاص طور هن جو سڀ کان وڏو اڇلايل پٿر تحريڪ انصاف جو اسير اڳواڻ عمران خان آهي.
عمران خان کي اڄ به پنهنجو “اڳواڻ” قرار ڏيڻ واري ملڪ جي صدر جو اهو بيان ملڪي تاريخ جي رڪارڊ تان ڪنهن به صورت ۾ هيڏي هوڏي نه ڪيو ويندو، جنهن ۾ هن ايتري وڏي سطح تي ٿيل سازشي اٿل پٿل جي باوجود به عمران خان جي حق ۾ اها گواهي ڏني آهي ته ڪير ڪجهه به چوي پر صدر عارف علويءَ جي نظر ۾ عمران خان نه صرف مالي حوالي سان تمام گهڻو ايماندار ۽ ديانتدار شخص آهي پر بقول صدر مملڪت جي حب الوطنيءَ مٿان ڪنهن کي به آڱر کڻڻ جي اخلاقي اجازت نه ملڻ گهرجي. ڇو ته هو ڊاڪٽر عارف علويءَ جي نظر ۾ هڪ بي بها قسم جو پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر صورت ۾ حامي، هڪ اهڙو محب الوطن آهي، جنهن جو مثال ملڪي تاريخ ۾ عارف علويءَ جي خيال مطابق مشڪل آهي.
ڊاڪٽر عارف علوي اسلام ۽ پاڻ کي ڪتابن جي علم سان هر وقت ويجهو رکڻ واري ڏيک ڏيڻ کانپوءِ عمران خان لاءِ جيڪا اهم ڳالهه ڪئي آهي، اها هيءَ آهي ته هن جي نظر ۾ عمران خان جيل ۾ رهندي وڌيڪ پاپولر ٿي رهيو آهي ۽ بقول سندس جيڪي به سروي ٿي رهيا آهن، انهن ۾ عمران خان جي شهرت جو گراف تمام مٿي اڀري رهيو آهي. هن پاران عمران خان جي سلسلي ۾ ان قسم جون ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد اهوئي هو ته هو پنهنجي اڳوڻي پارٽي قائد لاءِ جهڙوڪ اين آر او گهري رهيو آهي. ڇو ته هن جهڙي ريت 9 مئي جي حوالي سان اسلام جي تاريخ جا مثال ڏئي بار بار ان هڪ پوائنٽ تي اصرار ٿي ڪيو ته مذهب ۾ معاف ڪرڻ جو وڏو درجو آهي، هن جي اهڙي صاف انداز مان بلڪل پڌرو هو ته هڪ طرف عمران خان جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيو هو، ٻي طرف هو ملڪ لاءِ شاف صفاف ۽ قابل اعتبار اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيو هو ۽ بار بار چئي رهيو هو ته جيڪي به سمجهن ٿا ته پاڪستان لاءِ جمهوريت هڪ بهتر نظام ناهي، اهي غلط ۽ گمراهه آهن.
عارف علويءَ ميان نواز شريف کي به اڻ سڌي نه پر سڌي اپيل ڪئي ته هو دل ڪشادي ڪري ۽ ملڪ ۾ عمران خان سميت سڀني کي گڏائي هلائي ۽ هڪ نئين دور جي شروعات ڪري. ڇا اهو ممڪن آهي؟ ڇو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ۽ خاص طور 9 مئي کانپوءِ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، ان تي اسٽيبلشمينٽ جيتري ڪاوڙيل آهي، ان جو اندازو لڳائڻ ڪنهن به حوالي سان مشڪل ناهي. پر ان جو اندازو ڪرڻ آسان ناهي ته ڇا تازو “چلو” ڪاٽي آيل اسٽيبلشمينٽ جو مشهور دادلو شيخ رشيد ۽ ايوان صدر ۾ ويهي گهڻو وقت عبادت ۽ مطالعي ۾ استعمال ڪرڻ وارو صدر مملڪت جيڪي عام طور تحريڪ انصاف ۽ خاص طور تي عمران خان لاءِ مطالبا ڪري رهيا آهن، ڇا اهي منظور ڪيا ويندا!