هن رياست جي پوري سياسي تاريخ سياسي ڏوهن سان ڀريل رهي آهي، خاص ڪري اهڙن ڏوهن سان ڀريل آهي جيڪا اقتدار پرستي جي سياست رهي آهي. هونئن ته هن ملڪ ۾ بااصول ۽ باڪردار سياست ڪندڙ ڪيترائي فرد ۽ اڳواڻ ٿي گذريا آهن ۽ موجود به آهن. انهيءَ سان لاڳاپيل سندن نظريا ۽ پارٽيون ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن پر انهن ڪردارن جي مڃتا ۽ سندن سياست جو اثر يا پارٽين جي طاقت تمام گھڻي ڪمزور رهي آهي. انهن جي ڪمزوريءَ جو ڪارڻ سندن سياسي غلطيون، تنظيمي حڪمتِ عمليون ۽ ڪجھه فيصلا رهيا آهن پر انهن کي پاڻ گناهن جي زمري ۾ نٿا آڻي سگهون. انهن لاءِ تنقيد اهائي ٿيندي رهي آهي ته انهن کان غلطيون ٿيون آهن ۽ هن وقت تائين انهن جو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن بدليل صورت ۾ جاري آهي. ڇو ته جيڪڏهن کانئن غلطيون نه ٿينديون ته انهن جي سياست ڪمزور نه ٿيندي بلڪه طاقتور ٿي ويندي.
پر اقتدار پرست سياست غلطين کان وڌيڪ گناهن سان ڀريل رهندي آئي آهي ۽ رهندي اچي ٿي. سياست جا اهي ڏوهه اتفاقي يا مجبوريءَ جي صورت ۾ گھٽ ڪيا ويا آهن بلڪه شعوري ۽ مفادن جي بنيادن تي وڌيڪ ٿيندا رهيا آهن. هن وقت تائين پنهنجي تسلسل سان اهي ڏوهه رڳو ورجائجن نٿا پر نت نئين صورتن ۾ واڌاري سان ٿيندا رهن ٿا. هر ڏوهه جو عمل پنهنجي هڪ دائري ۾ ٿيندو آهي، ان دائري کانپوءِ ٻئي ڏوهه جي شروعات ته ٿي سگھي ٿي پر ساڳئي ڏوهه جو تسلسل نٿو هلي سگھي. اقتدار پرست سياست اقتدار جي حاصلات لاءِ جيڪي عوام دشمن ۽ جمهوريت دشمن سمجهوتا ۽ فيصلا ڪيا آهن انهن جي نتيجي ۾ جڏهن کين سزائون ڀوڳڻيون ٿيون پون يا اقتدار جي حاصلات کين نٿي ٿي، جي ٿئي ٿي ته تسلسل سان رهي نٿي تڏهن هر ڏوهه ڪندڙ سياسي پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ ٿيندڙ تنقيدن جي جواب ۾ هي اعتراف ڪندي ٻڌا ويا آهن ته “ماضي ۾ کانئن غلطيون ٿيون آهن، هاڻي غلطين جو ممڪن حد تائين ازالو ڪنداسين ۽ وڌيڪ غلطيون نه ڪيون وينديون.”
پر اهي اعتراف کلي دل ۽ دماغ سان ناهي ڪندا ته هنن کان غلطي نه پر ڏوهه ٿيا آهن ۽ گناهن جو ازالو رڳو اعتراف ناهي هوندو پر انهيءَ جو ڪفارو به ادا ڪرڻو پوندو آهي. گناهن جي ڪرتوتن مطابق سزا به خوشيءَ سان کائڻ قبول ڪئي ويندي آهي. تڏهن ئي ممڪن ٿيندو آهي ته ٻيهر ڏوهه نه ٿئي ۽ پوءِ ڏوهه جي توبھه جو منطق به سمجھه ۾ اچي ٿو سگھي. پر جڏهن ڏوهه کي غلطي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي ته انهيءَ جو صاف مطلب اهوئي آهي ته ڏوهه کي ڏوهه سمجھن ئي نٿا. جڏهن انهن جي پڪڙ ۾ اچن ٿا ته دٻاءُ کان نڪرڻ لاءِ ڏوهه کي غلطي ڪري اعتراف ڪيو ويندو آهي ۽ سڌي ريت انهيءَ کان بچڻ جي يعني سزا کان بچڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي آهي.
مثال هن وقت اقتدار جي حاصلات لاءِ جيڪا راند شروع آهي ۽ انهيءَ ۾ جن جن کي آشيرواد ڏني وئي آهي ۽ ڏنل نظر اچي ٿي هو انهيءَ گيم ۾ اهڙي انداز سان اڳتي وڌي رهيا آهن. جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي. ٿيڻ ته ائين گھربو هو، سڀئي سياسي جماعتون يا اهي سياسي جماعتون جيڪي تاريخ جي گنهگارن کي سمجھن ٿيون. اهي پنهنجي طور اهو فيصلو ڪري ٻڌائين ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪنهن به مائنس ۽ پلس جي فارمولي کي غلط ٿيون سمجھن، سڀني کي برابريءَ جو موقعو ملڻ گھرجي. مثال جيڪڏهن پي ٽي آءِ “9 مئي جو ڏوهه” ڪيو آهي ته ان جي سزا لاءِ قانون ۽ ڪورٽن جو رستو آهي. انهيءَ تي عمل ٿئي، باقي پي ٽي آءِ لاءِ بندش يا مونجھارا پيدا ڪرڻ ڪنهن به ريت ٺيڪ ناهي. (ن) ليگ ۽ پ پ پ کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته هنن ميثاق جمهوريت رڳو هڪٻئي لاءِ نه هو ڪيو پر اهو ميثاق جمهوريت جي اصولن لاءِ ۽ جمهوريت جي ترقي لاءِ ڪيو ويو. اقتدار پرستيءَ جي جبلت هر جمهوري ۽ سياسي اخلاق کي مروڙي ڦٽو ٿي ڪري ڇڏي ۽ اهو ئي هن وقت نظر اچي رهيو آهي. اهو سڀ ڪجھه انهيءَ ڪري پيو نظر اچي ته اهڙا عمل تسلسل سان جاري ساري آهي. تنهنڪري سياسي ڏوهه واڌاري سان ۽ طاقتور صورت ۾ وڌن پيا. انهن جو ازالو ٿيندي نظر نٿو اچي ۽ نه وري ڪو توبھه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.