ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايس پي ايس سي: ميرٽ ۽ شفافيت جي ضرورت

امداد علي چانڊيو
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هر ايندڙ رزلٽ جي پويان لڳبو ته ميرٽ جي لتاڙ ٿيندي نظر ايندي. مثال طور تازو ئي ميونسپل آفيسر جي امتحان ۾ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ زاهد حسين راهمون ميونسپل آفيسر BPS-17 جي لکت واري امتحان ۾ 93 مارڪون کڻي سنڌ مان ٽاپ ڪيو آهي. هن سوشل ميڊيا ذريعي چيو ته آئونُ تقريبن ٻن سالن کان لڳاتار هن امتحان جي تياري ڪري رهيو هئس ۽ سمجهه ۾ نه آيو ته انٽرويو ۾ ڪٿي غلطي ڪيم جو مون کي فيل ڪيو ويو. ان بيان کي ڏسندي، ڇا ايس پي ايس سي کي ان انٽرويو جي وڊيو جاري ڪرڻ نه گهرجي؟ ڇا ڪميشن کي مٿان کان هيٺ ميرٽ ختم ڪرڻ نه گهرجي؟ ڇا سنڌ جي اهڙن ڪيترن ئي محنتي نوجوان سان ويساهه گهاتي نه ٿي آهي؟ جيتوڻيڪ گذريل حڪومت ڪميشن کي کولرائڻ لاءِ قانون سازي ٿي، پر ان سان ڪو خاص فرق نه پيو، ڇو ته اها پاليسي شفافيت لاءِ نه بلڪه ڪميشن کي ٻيهر کولرائڻ لاءِ هئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي شفافيت لاءِ تڪڙي قانون سازيءَ جي ضرورت آهي. جهڙوڪ ميرٽ جي بحالي، ڪميشن مان ڪميشن ختم ڪرڻ ۽ ان کي غيرسياسي بنائڻ ته جيئن سنڌ جي لکين محنتي ۽ قابل نوجوانن مان مايوسي ختم ٿئي.
ايس پي ايس سي تي بدعنوانين جا الزام ڪي نوان نه آهن. مثال، چٽاڀيٽي 2013 (CCE-13) ۾ پنهنجانوازي ۽ غبن جي الزام هيٺ سپريم ڪورٽ ان نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏنو هو. آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2018ع ۾ اهي امتحان ٻيهر ورتا ويا پر نتيجا ساڳيا نڪتا. ان سان گڏ 2015ع ۾ لوڪل گورنمينٽ ۾ ميونسپل ۽ ٽائون آفيسر جا امتحان ٿيا، ان ۾ به سياسي شخصيتن جي رشتيدارن کي نوازيو ويو. ان کانسواءِ ڪرپشن جا ڪيس ثابت ٿيڻ تي اپريل 2021ع تي ڪورٽ اڳوڻي چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ۽ سيڪريٽري ڪميشن کي معطل ڪري ڇڏيو. انهن تي الزام هو ته صحت کاتي ۾ ڊاڪٽرن کي ٽيسٽ وٺڻ کانسواءِ من پسند ماڻهن کي چونڊيو ويو ۽ ڪميشن کي تالا هڻڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو.
2023ع ۾ ڪميشن چٽاڀيٽي 2020 CCE جا نتيجا پڌرا ڪيا جيڪي امتحان ڪورٽ جي نگراني هيٺ ٿيا، اچرج جي ڳالھه اها آهي ته ان ۾ به غبن ۽ بدعنوانيون ثابت ٿيون ۽ ڪورٽ اهي نتيجا ڪالعدم ڪري ٻيهر وٺڻ جو حڪم ڏنو جيڪي هن ئي سال آگسٽ ۾ ٿيا آهن. ان سان گڏ، تازو ئي لوڪل گورنمينٽ ۾ ميونسپل آفيسر جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن، جن خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلي رهي آهي ته انٽرويو ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي پٽن، مائٽن ۽ ڪارڪنن سان گڏ ڪرپٽ ڪامورن کان رشوت وٺي انهن جي اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته زاهد حسين راهمون جهڙا قابل نوجوان انٽرويو ۾ ڪيرايا ويا آهن.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي شفافيت ۽ ميرٽوڪريسي لاءِ ڪجهه تجويزون ڏجن ٿيون، جن مان سڀ کان پهرين سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي ته ڪميشن وفاقي طرز تي FPSC جيان هر ڪامياب اميدوار جا نتيجا ۽ ان جا رزلٽ ڪارڊ ويب سائيٽ تي جاري ڪري ته جيئن شاگرد پنهنجا مارڪس ڏسي سگهن. ٻيو حل اهو آهي ته ادارو سنڌ حڪومت جي ڪيل قانون سازيءَ تي عمل ڪري، جنهن ۾ پاليسي ٺاهي وئي هئي ته امتحان ٽن مرحلن ۾ ورتو ويندو، BPS-16 کان مٿي ٽيسٽن جي اسڪريننگ، بيچلر سطح جا لکت وارا امتحان ۽ انٽرويوز ورتا ويندا جنهن تي اڃا تائين عمل نه ٿيو آهي. ٽين تجويز، ڪميشن مان سياسي اثر رسوخ ختم ڪري ان کي بلڪل غيرسياسي بڻايو وڃي ۽ ان تي ڪورٽ جي هڪ ٽيم نگراني ڪري. چوٿين تجويز، ڪميشن مان ڪميشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۽ نيب يا ايف آءِ اي جو هڪ هڪ آفيسر انٽرويو ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اهي شفافيت جي نگراني ڪن. پنجين ۽ آخري تجويز، انٽرويو ۾ ڪامياب شاگردن جا انٽرويوز رڪارڊ ڪري ويب سائيٽ تي جاري ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي ڄاڻ جي خبر پوي ۽ ڪير به اداري جي ساک تي سوال نه ڪري.
پريس رليز ۽ اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ سان اداري جي شفافيت بحال نه ٿيندي. ماضيءَ ۾ سفارشن ۽ رشوت نوجوانن جو آفيسر ٿيڻ جو خواب اڌورو بڻائي ڇڏيو ۽ ان جا اثر اڃان تائين موجود آهن. حڪومت کي ان مسئلي تي تڪڙو اپاءُ وٺڻ گهرجي. نوجوانن کي پنهنجا حوصلا بلند رکي محنت جاري رکڻ گهرجي. جيئن مولانا روم لکي ٿو: “ظلم جي رات ڪيتري به طويل ڇو نه هجي پر اُن جي ڪُک مان انصاف جو سج ضرور اڀرندو آهي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button