تازين چونڊن جا نتيجا اھڙا نڪتا آھن جو ڪنھن کي بھ پتو نھ ٿو پوي تھ ڇا ٿيندو؟ سيٽن جي ترتيب ڪجھھ اھڙي اچي وئي آھي جو ڪنھن بھ واضح اڪثريت حاصل ناھي. ڪا بھ ڌر پنھنجن پراڻن اتحادين سان گڏجي سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناھي. ھڪ طرف ميان نواز شريف جي پوئين تقرير تي تنقيدي تبصرا ھن مھل بھ ھلي رھيا آھن تھ ھن کي ايترين سيٽن تي اھڙي تقرير نھ ڪرڻ کپندي ھئي، جيڪا تقرير صرف ۽ صرف ان پارٽيءَ کي ڪرڻ جي اخلاقي اجازت ھوندي آھي، جنھن جي ھٿ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ايتريون سيٽون ضرور ھجن، جيڪا سادي اڪثريت حڪومت ٺاھڻ جي پوزيشن ۾ ھجي. ھونءَ بھ ھڪ پارٽيءَ کي پنھنجي ٻل تي ڪمزور ئي سھي پر سرڪار ٺاھڻ جي سگھھ حاصل ھجڻ گھرجي، جڏھن حڪومتي ڪاروھنوار ھلائڻ لاءِ ھر پارٽيءَ کي اھو حق ھوندو آھي تھ اھاَ پنھنجي سرڪار کي سگھارو ڪرڻ لاءِ ٻين ڌرين جو سھڪار حاصل ڪري. جڏھن تھ پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏھن بھ اھو نھ ٿيو آھي تھ ستر پلس سيٽون کڻڻ واري پارٽي اھو اعلان ڪندي ھجي تھ اھا حڪومت ٺاھيندي. جيڪڏھن ھن کي پنھنجي حڪومت ٺاھڻ جي ايتري پڪ آھي تھ پوءِ دير ڇا جي؟ ھن مھل تائين تھ مسلم ليگ (ن) جي ماڳ يعني جاتي امراءَ ۾ دھل وڄڻ شروع ٿي وڃن ھا. پر ھيءَ عجيب سرڪاري شادي آھي، جنھن ۾ شاديءَ جو اعلان تھ ڪيو ويو آھي پر ھن مھل تائين اھو پتو نھ پيو آھي ۽ نھ پوڻ ڏنو ويو آھي تھ ان سرڪار جو گھوٽ ڪير ھوندو؟ ان حوالي سان جيڪا بھ ڄڃ ڪٺي ڪئي ويندي يا جنھن بھ ڄڃ کي ڪٺو ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويندو، اھا پريشان تھ پڪ سان ٿيندي.
پاڪستان ۾ صرف چونڊون کٽي آيل پارٽيون پريشان ناھن پر پاڪستان پاڻ ھڪ ملڪ جي صورت بھ تمام حيران ۽ پريشان صورتحال ۾ ڦاسي ويو آھي. ڇو تھ ھڪ طرف بين الاقوامي ميڊيا پاڪستان جي چونڊن مٿان آڱر کڻي رھي آھي ۽ ٻئي طرف پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون پنھنجن پنھنجن مفادن تان تر جيترو بھ ھيڏي ھوڏي ٿيڻ لاءِ تيار ناھن. اھڙي صورتحال ۾ ھڪ ملڪ پريشان ڪيئن نھ ٿيندو جنھن کي نئون سال شروع ٿيڻ شرط اھو فڪر ويڙھي ويو آھي تھ ھو گذريل قرضن جون قسطون ڪيئن ڏيندو؟
اسان جي ملڪ کي آءِ ايم ايف جھڙي ريت ھن وقت تارا ڏيکاري رھيو آھي، ان مان اھي امڪان پيدا ٿيڻ ھڪ فطري عمل آھن تھ پاڪستان مٿان تمام گھڻا پريشر وڌا ويندا. ان سلسلي ۾ ھن مھل تائين صرف اھڙا اشارا اچي رھيا آھن. جڏھن معاملو آخري مرحلن ۾ پھچندو تھ پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان سوال تي ملڪ جون اھي سياسي پارٽيون ڪنھن بھ قسم جو حل پيش ڪرڻ جي موڊ ۾ ناھن. جڏھن پارٽين کي پنھنجو اقتدار پيارو ھجي تھ اھڙي صورت ۾ ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ ملڪ کي وڏن مسئلن مان ڪڍڻ ۾ اھم ڪردار تھ سياسي پارٽين جو ھوندو آھي. جڏھن سياسي پارٽيون پنھنجي ملڪ جي پريشاني محسوس ڪرڻ لاءِ تيار نھ ھجن تھ اھڙي سياسي ماحول ۾ مايوس ٿيڻ بھ ھڪ فطري عمل ھوندو آھي.
ڇا اھا حقيقت ناھي تھ ملڪن کي بحرانن مان ڪڍڻ جي سلسلي ۾ اھم ترين ڪردار سدائين سياسي پارٽين جو ھوندو آھي. جيڪڏھن اسان پوري دنيا جي تاريخ تي نظر وجھنداسين تھ جڏھن کان سياست جو جديد دور شروع ٿيو آھي، يعني جڏھن کان وٺي رياست پنھنجي ترقيءَ جو رستو سياست کي سمجھيو ۽ اختيار ڪيو آھي تھ ان وقت کان وٺي سياسي پارٽيون نھ رڳو ملڪن کي خطرن کان محفوظ رکڻ جا بندوبست ڪن ٿيون پر جيڪڏھن ڪجھھ سببن جي ڪري ملڪ ڪنھن بحران ۾ ڦاسي وڃن ٿا، تڏھن بھ اھي سياسي پارٽيون ئي ھونديون آھن، جيڪي ھٿ وٺي ملڪن کي چڪڻ مان چاڙھينديون آھن. ان سلسلي ۾ اڪيچار مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. پر خود اسان جي پنھنجي ملڪ ۾ بھ اھا روايت رھندي آئي آھي تھ جڏھن بھ ملڪ ڪنھن مصيبت جو شڪار ٿي ويندو آھي تھ اسان وٽ وڏو قدم کڻڻ کان اڳ ۾ “آل پارٽيز ڪانفرنس” ڪوٺائي ويندي آھي ۽ ان جو مقصد اھو ھوندو آھي تھ سياسي پارٽيون پنھنجي عقل، فھم ۽ تجربي سان ملڪ کي مخصوص مسئلي مان ٻاھر ڪڍن. پر ھن مھل اسان جي سياسي زوال جو حال اھو آھي تھ جيڪڏھن ملڪ معاشي بحران ۾ آھي تھ ان ۾ بھ سياسي پارٽين جو اھو ڪردار آھي، جيڪو انھن اقتدار ۾ ادا ڪيو. يعني انھن ملڪ کي پيرن تي بيھاري پاڻڀرو ڪرڻ بدران ان سان اھڙو حال ڪيو جو اڄ ملڪ مٿان ايترا قرض چڙھي ويا آھن جو قرض ڏيڻ وارا ادارا پاڪستان کي قرض ڏيڻ بدران پاڪستان مٿان مختلف قسمن جون سخت شرطون عائد ڪري رھيا آھن ۽ اسان کي اھو بھ معلوم ھجڻ گھرجي تھ دنيا ۾ ھن مھل تائين ڪنھن بھ ملڪ قرض وٺي ترقي نھ ڪئي آھي. قرض تھ ھڪ مرض ھوندو آھي ۽ ملڪ کي معاشي مرض ۾ مبتلا ڪرڻ ۾ جيڪڏھن اقتدار دوران سياسي پارٽين جو ھٿ ناھي تھ ٻيو ڪنھن جو ڪردار ٿي سگھي ٿو؟
پاڪستان وسيلن جي حوالي سان دنيا جي بھترين ملڪن مان ھڪ آھي پر اھا کوٽ سياسي پارٽين جي حصي ۾ اچي ٿي، جنھنڪري ملڪ معاشي طور مضبوط ٿيڻ بدران قرضن جو محتاج ٿي ويو آھي. جڏھن تھ اسان کي اھو بھ فراموش نھ ڪرڻ گھرجي تھ ھڪ وقت اھڙو بھ ھو جڏھن ملڪ ٻھ ٽڪر ٿي ويو ھو ۽ اسان جا 90 ھزار فوجي ڀارت جي جيلن ۾ بند ھئا پر پوءِ بھ ھڪ باصلاحيت اڳواڻ سمورن مسئلن کي منھن ڏيندي تمام مختصر وقت ۾ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو. جيڪڏھن ملڪ ان مصيبت مان نڪري ترقيءَ جي راهه تي ھلي سگھي ٿو تھ ھاڻي ڪھڙو مسئلو آھي؟
پاڪستان ۾ منڍ کان وٺي وڏو مسئلو سياسي ڇڪتاڻ وارو رھيو آھي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جو ڪارڻ اھو آھي تھ ھر پارٽي ھر صورت ۾ اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويھڻ چاھي ٿي. ملڪ جي سياسي پارٽين کي صرف اقتدار لاءِ جھيڙا جوٽڻ جو فن اچي ٿو. جڏھن تھ اصل پارٽيون اھي ھونديون آھن، جيڪي حالتن سان مقابلا ڪري ملڪ کي پار پھچائين. ڇا ھن مھل ڪنھن بھ پارٽيءَ ۾ ايتري صلاحيت آھي؟ جيڪڏھن ملڪ اندر ڪنھن پارٽيءَ مٿان عوام جو اھڙو اعتماد ھجي ھا تھ ووٽ جي صورت ۾ پاڪستان جي عوام جو مئنڊيٽ ان ريت ورھايل نھ ھجي ھا جو ڪنھن کي بھ سمجھھ ۾ نھ سگھي تھ اھڙي حال ۾ حڪومت ڪير ٺاھيندو ۽ جيڪڏھن جيئن تيئن ڪري ڪا حڪومت جڙي بھ وئي تھ ان حڪومت جو مدو ڪيترو ھوندو؟
ملڪ ۾ ٽي سياسي ڌريون وڌيڪ ووٽ کڻي آيون آھن. انھن مان ٻن پارٽين وٽ تھ پنھنجو نالو ۽ چونڊ وڙھڻ جو نشان بھ ھو. جڏھن تھ ھڪ پارٽي مخصوص فيصلن سبب آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙھي ۽ مزي جي ڳالھھ اھا آھي تھ ان پارٽيءَ سڀ کان وڌيڪ سيٽون کٽيون آھن. ان سلسلي اھم ڳالھھ اھا آھي تھ جنھن پارٽيءَ کي ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ محروم رکيو ويو، ان پارٽيءَ جو اڳواڻ جيل ۾ آھي ۽ اھو ڪنھن بھ پارٽيءَ سان ملي حڪومت ٺاھڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ھن مھل تائين تھ ڪنھن بھ صورت ۾ تيار نظر نھ ٿو اچي. ان ڪري بحران ۾ شدت اچي وئي آھي. عام تاثر اھو آھي تھ حالتن جي حوالي سان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) اڳ جيان ملي گڏيل حڪومت ٺاھينديون ۽ اھڙي اتحاد کي ھن مھل ئي پي ڊي ايم جو تسلسل قرار ڏنو وڃي ٿو. ھن وقت بنيادي سوال اھو آھي تھ جيڪڏھن اھي پارٽيون اقتدار جي حصي پتيءَ تي پاڻ ۾ ٺھي بھ ويون، تڏھن بھ ڇا انھن پارٽين وٽ ايتري صلاحيت آھي جو اھي معاشي بحران کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪن؟ جيڪڏھن مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ وٽ پاڪستان کي اقتصادي بحران مان ڪڍڻ جو ڪو ڏانءُ ھجي ھا تھ پي ڊي ايم جي ڏيڍ سال واري حڪومت عوام جي مٿان مھانگائيءَ جا مينھن نھ وسائي ھا. جڏھن تھ ھن مھل ڄاڻايل پارٽين جو مخالف آزاد ميمبرن جي حيثيت ۾ بھ تمام وڏو انگ موجود آھي. ھڪ ڪمزور ۽ صلاحيت کان ڪوري سرڪار ھڪ ئي وقت معاشي ۽ سياسي بحران جو بار ڪيئن کڻي سگھندي؟
ملڪ جي سياسي افق تي اھو ھڪ نه پر اھڙا ڪيترائي سوال آھن ۽ سمورا سوال پاڻ ۾ ملي ھڪ وڏي سوال کي جنم ڏين ٿا ۽ اھو سوال آھي تھ موجوده حالتن ۾ نيٺ ڇا ٿيندو؟ ڇا پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون ھڪ نئين ابتدا لاءِ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ٿينديون يا حالتون وڌيڪ بحرانن جي ور چڙھي وينديون؟