نئين حڪومت جي نئين سربراهه ميان شھباز شريف پاڻ کي اقتدار ملڻ جي خوشيءَ ۾ ملڪ جي انھن قيدين جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو آھي، جن جي سزا ٻن سالن جي لڳ ڀڳ بچي ھئي. ان ريت پاڪستان جي جيلن ۾ واڙيل ھزارين نھ تھ گھٽ ۾ گھٽ سوين قيدي تھ ضرور آزاد ٿيندا. وزير اعظم شھباز شريف جي ان عمل جي آجيان نھ ڪرڻ انساني حقن واري اصولن جي منافي عمل ٿيندو. ان ڪري اسان بھ پنھنجي ملڪ جي نئين وزير اعظم جي اھڙي اعلان جي آجيان ڪريون ٿا. پر آجيان کان پوءِ ھن کان صرف ھڪ سوال پڇڻ جي جرئت ضرور ڪنداسين. ڇو تھ حق جي حمايت ڪرڻ سان گڏ حق جو ڪلمو پڙھڻ جي جرئت جو مظاھرو نھ ڪرڻ سراسر زيادتي ھوندي. ملڪ جي نئين وزير اعظم کان حق تي ٻڌل اھو سوال پڇڻ کان اڳ ۾ ان حيرت جو تذڪرو ڪرڻ بھ ضروري آھي، جيڪا ھن حقيقت کي پنھنجي ھٿ جي مٺ ۾ ڀيڪوڙي بيٺي آھي.
سوال ڪجھھ ھن ريت آھي تھ وزير اعظم انھن قيدين کي آزاد ڪيو آھي، جن جي مٿان چورين، ٺڳين، قبضن، بدمعاشين ۽ ماڻھن جي مٿان حملا ڪرڻ جا الزام لڳل ھئا ۽ انھن الزامن سبب انھن کي سزائون بھ آيل ھيون. ھن وقت اسان ان موضوع جي حوالي سان روس جي عظيم اديب جو ناول کولي جرم ۽ سزا جي فلسفي تي مباحثو ڪرڻ نھ ٿا چاھيون. جيتوڻيڪ اسان سمجھون ٿا تھ ڪنھن بھ طبقاتي ۽ غربت جي گھاڻي ۾ پيڙھيل سماج ۾ جرم عام ڳالھھ ھوندي آھي. پاڪستان ۾ قانون ۽ انصاف جي اڻھوند اسان کي معلوم آھي ۽ اسان اھو بھ ڄاڻون تھ قانون ۽ انصاف کان سواءِ ڪنھن بھ ملڪ جي سرزمين ڏوھن جي پيداوار لاءِ تمام زرخيز ھوندي آھي. ان حوالي سان اسان وزير اعظم پاران قيدين جي معافيءَ واري اعلان جي مشروط حمايت ڪندي ھن کان پڇڻ جي جرئت ڪريون ٿا تھ جيڪڏھن حڪومت پنھنجي ابتدا ۾ ھڪ سٺو تاثر ڏيڻ لاءِ عام قيدين کي معاف ڪري سگھي ٿي تھ انھن ماڻھن جي معاف ڇو نھ ٿي ڪري سگھي، جن جو ڏوهه صرف ۽ صرف اھو آھي تھ ھو سچ لکن ۽ ڳالھائين ٿا.
وزير اعظم ميان نواز شريف لاءِ وڏي عزت آھي. ڇو تھ جنھن وزير اعظم کي جمھوريت جا تقاضا بھ ھيڏي ھوڏي ڪري سرڪار جو سربراهه ڪيو ويو. جنھن وزير اعظم کي ملڪ جو چيف آف آرمي اسٽاف سلام ڪري ٿو. وزير اعظم آڏو عزت سان اٿاريل اھو سوال جواب چاھي ٿو. جڏھن تھ اسان کي معلوم آھي تھ جمھوريت جي معرفت اقتدار ۾ آيل حڪمران بھ پنھنجي مٿان تنقيد ڪندڙ صحافين کي صحيح نھ سمجھندا آھن ۽ انھن مٿان ڪاوڙ اچڻ انھن لاءِ نارمل ڳالھھ ھوندي آھي. پر اھو ڪيترو نھ وڏو الميو آھي جو سچ جو اظھار ڪرڻ وارن مجرمن کي ھن ملڪ جي چورن ۽ پاٿاريدارن کان برو ڏوھاري سمجھيو وڃي ٿو. واقعي اھو اسان لاءِ ھڪ وڏو سبق آھي تھ اسان جا حڪمران سچ جو اظھار ڪرڻ کي ڪيترو ڀيانڪ جرم سمجھن ٿا. ايترو ڀيانڪ جو انھن لاءِ انھن جي دلين ۾ ٿوري بھ ھمدرديءَ جو مقدار موجود ناھي. جڏھن تھ ماڻھن جي آزاريندڙ ۽ سماج ۾ منفي سرگرميون ڪندڙ انھن جي نظر ۾ سچ جو ساٿ ڏيڻ وارن کان سٺا ۽ بھتر آھن.
ملڪ ۾ جمھوريت آھي ۽ ميان شھباز شريف ان جمھوريت جو ڦل آھي. پر اھا ڪھڙي جمھوريت آھي، جنھن ۾ قانون ۽ آئين جي نظر ۾ ڏوھاري سمجھيا ويندڙ ماڻھو تھ قابل معافي قرار ڏنا وڃن ٿا پر انھن مٿان تر جيترو قياس نھ ٿو ڪيو وڃي، جيڪي سچ چوڻ جو ڏوهه ڪن ٿا. اھوئي سبب آھي تھ سرڪار ۽ سچ چوڻ وارا ڪڏھن بھ گڏ ھلي نھ ٿا سگھن. ان حوالي سان اسان کي اھا ڳالھھ بھ ذھن نشين ڪرڻ گھرجي تھ جنھن ڏينھن سرڪار ھلائڻ وارا سچ لکڻ وارن کي برداشت ڪرڻ لڳا، ان ڏينھن اسان کي پڪ ٿي ويندي تھ پاڪستان جمهوريت جي پٽڙيءَ تي چڙھي ويو آھي. ڇو تھ اسان جن ملڪن ۽ سماجن مان جمھوريت جو نظام ورتو آھي، انھن ملڪن ۾ اھو تصور به ڪري نھ ٿو سگھجي تھ حڪومت اھڙي ڪنھن بھ صحافيءَ مٿان ڪيس داخل ڪري جيڪو حڪومت جي مٿان تنقيد ڪندو ھجي. حڪومت مٿان تنقيد کي ناقابل معافي جرم سمجھڻ وارا ملڪ ۽ سماج ڪڏھن بھ جمھوري ھجڻ جي دعويٰ ڪري نھ ٿا سگھن. اھا جمھوريت نھ پر آمريت آھي، جنھن ۾ قانون ۽ آئين کي پائمال ڪري اظھار جي آزاديءَ جو حق کسيو وڃي ۽ جنھن ۾ صحافين کي صرف ان لاءِ ھيسايو وڃي تھ ھو حق جو آواز بلند ڪن ٿا.
پاڪستان ۾ حڪومت جمھوري ھجڻ واري کوکلي دعويٰ سان گڏ ان ڪلچر جي امين رھندي آئي آھي تھ ھوءَ پنھنجي خلاف ھڪ حرف بھ ٻڌڻ لاءِ تيار نھ آھي. اھو انداز صرف ميان شھباز شريف نھ اپنايو آھي پر اسان جي ملڪ جي سرڪاري تاريخ شاھد آھي تھ جيڪو جيڪو حڪمران آيو آھي، ان پنھنجي مٿان تنقيد ڪندڙ صحافين کي سزا جي لائق سمجھڻ واري عزم کي عملي طور تي ورجايو آھي. ان ڪري ھو ڪنھن بھ ريت پاڻ کي جمھوريت جا حقيقي نمائندا قرار ڏئي نھ ٿا سگھن. ڇو تھ جمھوريت تھ ان قول جي امين آھي، جنھن ۾ ھڪ مفڪر لکيو آھي تھ “آئون تنھنجي ان حق لاءِ جدوجھد ڪندس تھ جيئن تون مون سان اختلاف جو اظھار ڪري سگھين.”
مغرب جي ملڪن کي اھا حقيقت گھڻو وقت اڳ سمجھھ ۾ اچي وئي تھ جڏھن بھ جنھن سماج کان تنقيد جو حق کسيو ويندو تھ ان سماج جي تعمير ۽ ترقيءَ جو عمل رڪجي ويندو ۽ ان صورت ۾ اھو سماج پنھنجي حقيقي جوھر کي وڃائي ويندو.
ملڪ ۾ ميڊيا جيتري بھ وڌي ويجھي آھي، ان ۾ اسان جي ڪنھن بھ سرڪار جو ڪو ڪردار نھ آھي. اھا سائنس جي مھرباني آھي، جنھن سوشل ميڊيا جو پليٽ فارم وجود ۾ آندو آھي، جنھنڪري عام ماڻھو بھ پنھنجو آواز پوري دنيا تائين پھچائي سگھي ٿو پر اسان کي اھو سچ ڪنھن بھ صورت ۾ فراموش نھ ڪرڻ گھرجي تھ ھڪ طرف عالمي سائنس عام ماڻھوءَ جي آواز کي سھارو ڏيڻ لاءِ نت نيون ايجادون ڪري ٿي ۽ ٻئي طرف اسان جون سرڪارون نھ صرف پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پر سوشل ميڊيا تي بھ پابندي مڙھڻ کان نھ ٿي مڙي. ڇا اھا حقيقت ناھي تھ ھن وقت جڏھن ملڪ ۾ ھڪ جمھوري حڪومت آھي، ان وقت سوشل ميڊيا جو وڏو پليٽ فارم ايڪس (X) پابنديءَ ھيٺ آھي. جڏھن تھ پاڻ کي ملڪ تاريخ جي سڀ کان وڏي جمھوري پارٽي سمجھندڙ ڌر سان تعلق رکندڙ ھڪ سينيٽر سينيٽ ۾ سوشل ميڊيا کي شيطاني ميڊيا قرار ڏيڻ واري رٿ جمع ڪرائي. جڏھن تھ ھن ليک لکڻ وقت اھي اطلاع بھ آھن تھ ان سينيٽر صاحب کي پنھنجي پارٽيءَ نوٽيس ڏئي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو آھي. پر سوال اھو آھي تھ پارٽيون آخر ڪيترا ميمبر ۽ نمائندا ڪڍنديون؟ ماڻھن کي پارٽين مان ڪڍڻ مسئلي جو حل ناھي. مسئلي جو حل اھو آھي تھ سياستدانن جي ذھنن مان پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد سبب پيدا ٿيندڙ ڪروڌ ڪڍيو وڃي.
سياست سچ جو ھوڪو ھڻندي آھي. جڏھن ڪا بھ سياسي پارٽي اقتدار کان ٻاھر ھوندي آھي تھ اھا اظھار جي آزاديءَ مٿان گھور گھور ويندي آھي. پر جڏھن ھن کي اقتدار ملندو آھي تھ ھن جو مزاج مڪمل طور تي تبديل ٿي ويندو آھي ۽ ھوءَ ميڊيا کي ذميوار ھجڻ جو سبق سيکارڻ ۾ مشغول ٿي ويندي آھي. ھوءَ انھن صحافين کي قابو ڪرڻ لڳندي آھي، جن صحافين کي سچ جو ساٿ ڏيڻ جو وڏو شوق ھوندو آھي. حڪومت ميڊيا جي انھن ادارن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪندي آھي، جن ادارن جا صحافي سرڪاري پاليسين جي پويان اکيون ٻوٽي ھلڻ بدران سچ جو ساٿ ڏيندا آھن ۽ عوام تائين سچ پھچائڻ جو سلسلو روڪڻ کي پنھنجي ضمير مخالف عمل سمجھندا آھن. انھن صحافين سان پوءِ اھڙو سلوڪ ٿيندو آھي، جھڙو ھن مھل ملڪ جي معروف صحافين سان ٿي رھيو آھي، جن کي جيلن ۾ واڙيو ويو آھي.