رسول ميمڻ اسان جي جديد دور جو سڀ کان وڏو ناول نگار آھي جنھن جي ناولن ۾ سماجي حقيقت نگاري، علامت نگاري ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ جا عنصر نظر اچن ٿا. جنهن دور ۾ رسول ميمڻ کي سنڌ جي نئين نسل پڙهڻ شروع ڪيو ۽ کيس مڃتا ڏيڻ لڳو ته سندس زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ هو ترت ئي هي جهان ڇڏي ويو. پر پنهنجي پويان هو جيڪو عظيم ورثو ڇڏي ويو آهي، سي سندس ڪهاڻيون ۽ ناول آهن. جيڪي اڄ به پڙهندڙن ۾ تمام گهڻا مقبول آهن. ڇاڪاڻ ته رسول ميمڻ سنڌي افساني ۽ ناول ۾ منفرد اسلوب سان پنهنجو پاڻ کي متعارف ڪرايو ۽ آخري وقت ۾ هو وڏي تيزيءَ سان ناول لکندو رهيو، جن کي ماڻهن سٺي موٽ پڻ ڏني.
تازو ئي مون رسول ميمڻ جو “ڪتا” ناول پڙھي پورو ڪيو آهي. سندس لکڻي ته تمام آسان آھي پر گھرو فڪر سمايل نظر اچي ٿو. هو ھڪ فيلسوف جيان ڳوڙھي ڳالھه ڪري ويو آھي. هن ناول ۾ هو ڪتن جي نفسيات جي ڳالھه ڪري ٿو. ڪتن سان لاڳاپيل ھر واقعي کي بيان ڪري ٿو. ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته “ڪتن جا مقابلا ماڻھن جي ويڙهه کان ان ڪري بھتر ھوندا آھن جو ڪتن جي مقابلي ۾ مون ڪڏھن ڪتو مرندي نه ڏٺو ۽ ماڻھن جي مقابلي ۾ ماڻھو ائين مرندا آھن جيئن ڪتو مري وڃي.”
هي نه رڳو اسان جي سماج جي حقيقت آهي پر انساني نفسيات پڻ آهي. جتي انسان انسان جو رت وھائيندي نظر اچي ٿو. رت جا رشتا به پنھنجي مفاد خاطر پنھنجن جا دشمن ٿي پون ٿا. ھن ناول جو مک ڪردار ڊاڪٽر آھي جنهن جو پٽ جوانيءَ ۾ ڪينسر سبب گذاري وڃي ٿو. ان کان پوءِ ٻيو پٽ ڪينڊا ھليو وڃي ٿو ۽ کيس آخري سھارو زال آهي سا به بيماريءَ ۾ گذاري وڃي ٿي جنھن جي ڪري ڊاڪٽر اڪيلو رھجي وڃي ٿو ۽ سندس درد سور پڙھندڙ جي اکين کي آلو ڪري ڇڏين ٿا. ان ڪردار جو ڏک دل کي محسوس ٿي اکيون آليون ڪري ڇڏي ٿو ۽ آخر ۾ جڏھن سڀ سھارا هن کان کسجي وڃن ٿا ته ھڪ ڪتو ئي هن جو ساٿي ٿي رھي ٿو.
ناول ۾ هڪ جاءِ تي رسول ميمڻ لکي ٿو ته انسان پاڻ سان به وفادار نه آھي. ھو زندگيءَ جي ھر گذرندڙ پل ۾ پاڻ سان بي وفائي ڪندو اچي ٿو. اها حقيقت آھي تـه انسان پنھنجو پاڻ سان ناانصافي ڪندو ايندو آھي، ڪڏھن ڪڏھن هن کي صحيح ۽ غلط جي سڃاڻ ختم ٿي ويندي آھي. ھڪ نقطو اھو به آھي ته ڪتن کي به ڏک جو احساس ٿئي ٿو. اهي پنھنجي مالڪ جي مري وڃڻ تي اداس ٿي وڃن ٿا ۽ ڪتا به پنھنجي ٻچن سان انسانن وانگر محبت ڪن ٿا ۽ ان جي موت تي صفا مايوس ٿي وڃن ٿا.
ڪتا ناول نـه فقط ناول آھي پر اھو انسان جي اندر جي ڪائنات جو ترجمان آھي ته سماج جي تصوير جو عڪس پڻ آھي جنھن ۾ اسان کي انسان جي حقيقي نفسيات ۽ منطق جي خبر پوي ٿي. ڪنهن به ناول جي اها خوبي هوندي آهي ته اهو پڙهندڙ کي پڙهڻ وقت اهو لطف ڏئي جو ان جي سمورين خوبين کي بيان ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگهي. ڪتا ناول رڳو ڪتن جي نفسيات يا انهن جي روين جي ڪهاڻي ڪونهي پر هي قصو آهي، انهن انساني ڪردارن جي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائيءَ جو جيڪي رشتن جي ميڙ ۾ هوندي به اڪيلا رهجي ويندا آهن. اهي پنهنجي من جون ڳالهيون ڪنهن انسان سان سلي ڪونه سگهندا آهن. انهن لاءِ جيئرا جاڳندڙ انساني رشتا به بي جان ڀتين وانگر هوندا آهن. تنهنڪري اهي پنهنجو پاڻ کي جانورن جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي ريت هي ناول به انهن رشتن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي هڪ گهر ۾ هوندي به اوپرا آهن، جيڪي هڪٻئي جو رت هوندي به پري پري رهن ٿا.
ناول جي مک ڪردار کي ڏسجي ته ان وٽ رڳو ڀوڳنا آهي. هو جڏهن به ڪنهن رشتي کي پنهنجي ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو هن کان پري هليو ٿو وڃي. سندس پٽ، وري ٻيو پٽ، هن جو پاليل ڪتو راڪو ۽ ٻي پاليل ڪتي جا گلر به هن کان کسجي ويندا آهن. رسول ميمڻ جي هن ناول کي جيڪڏهن اسين چئون ته هي سنڌي جو بهترين ناول آهي ۽ هو هڪ منفرد پلاٽ ۽ ڪهاڻي وارو ناول لکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته اهو غلط نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سندس ٻين ناولن ۾ انساني وجود جون ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون پر هڪ غيرانساني مخلوق کي اهڙي ريت بيان ڪرڻ رسول ميمڻ جو ئي ڪمال آهي.