گذري ويل صديءَ جي ستين ڏھاڪي جي آخري سال دوران، جڏھن ملڪ جي مٿان سخت آمريت جي اونداهه ھئي، ان اونداھيءَ ۾ جڏھن فوجي ميجر منصف بڻجي سمري ملٽري ڪورٽ لڳائي ماڻھن کي سرعام سزائون ڏئي ديس ۾ دھشت جو ڏھڪاءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا، ان مھل ذوالفقار علي ڀٽو مٿان ھڪ اھڙو ڪيس ھلي رھيو ھو، جنھن جو قانون ۽ انصاف جي نظر ۾ ڪو وزن نھ ھو پر سياسي دماغن کي معلوم ھو تھ اھو جڙتو ۽ ڪوڙو ڪيس ٺاھيو ئي ان لاءِ ويو آھي تھ جيئن ذوالفقار علي ڀٽي کي وڏي سزا ڏئي سگھجي. اھوئي سبب ھو تھ ھڪ ميسڻو منھن کڻي عوام آڏو غلط بياني ڪندڙ آمر جنرل ضياءَ پنھنجي سموري شرم ۽ حيا کي ويڙھي بلڪھ دفن ڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي شھيد ڪري ڇڏيو. ڇو تھ ھو ڪنھن نواز شريف وانگر ملڪ بدر ٿيڻ لاءِ تيار نھ ھو. ھن جا عوام سان ڪي وعدا ھئا. ھن وعدا وفا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان فيصلي تي اٽل رھيو.
اھا عدالت جنھن کي سپريم ڪورٽ سڏيو پئي ويو، سا اصل ۾ آمريت جو ھڪ قانوني محاذ ھئي ۽ ھن کي اھڙا فيصلا ڏيڻا ھئا، جيڪي فيصلا ڪرڻ لاءِ انھن جي ججن کي ڪارا جبا پارايا ويا ھئا. ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجو ڪيس عالمي ۽ ملڪي سياست جي تناظر ۾ ڀرپور انداز سان وڙھيو. ھن کي پنھنجي اميج جو وڏو خيال ھو. ھن کي معلوم ھو تھ تاريخ ۾ ڪنھن بھ شخص جو اميج ئي رھندو آھي باقي بقول اياز:
“تاج ڪيانيءَ جا
تڇ تماشا سڀ ھئا
آنيءَ جانيءَ جا”
ذوالفقار علي ڀٽو عالمي تاريخ جو ھونھار شاگرد ھو. ھن جي نظر ۾ تاريخي امتحانن ۾ پاس ٿيڻ ڪيترو اھم ھو؟
ذوالفقار علي ڀٽو ھڪ وڏو ليڊر ھو. ھو پنھنجي جسماني قد ڪاٺ تھ ڇا پر پنھنجي ملڪي جاگرافيائي پکيڙ کان بھ وڏو ليڊر ھو. ايترو وڏو ليڊر آمريڪا لاءِ ڪنھن بھ ريت قابل قبول نھ ھو. آمريڪا روس پاران افغانستان ۾ داخل ٿيڻ مھل پاڪستان ۾ اھڙو حڪمران ڪيئن ٿي قبول ڪري سگھيو؟ جنھن لاءِ اتان جي صدر کلندي کلندي ان سچ جو اعتراف ڪيو ھو تھ “شڪر آھي تھ ھي شخص آمريڪي ناھي ۽ منھنجي مخالف پارٽيءَ ۾ ناھي.” جنھن شخص جي علم، عقل ۽ عوامي حمايت سبب ھن جون ڳالھيون صرف عرب ملڪن جا اٺن جھڙا بادشاهه نھ پر دنيا کي جنجھوڙيندڙ ۽ چين جي مٿان لال ستاري جيان چمڪندڙ چيئرمين مائوزيتنگ بھ وڏي غور ۽ فڪر سان ٻڌندو ھو. اھڙي ديوقامت دماغ جي ماڻھوءَ آڏو ان پي اين اي (PNA) جي ڪھڙي اھميت ھئي، جنھن ۾ ٻھ چار ملان ۽ ٻھ چار مشڪرا ويٺل ھئا. اھا مخالف ڌر نھ ھئي پر اھا آمريڪا ھئي. اھا صرف آمريڪا بھ نھ ھئي پر اھا نيٽو (NATO) جي صورت ۾ پوري عالمي اسٽيبلشمينٽ ھئي. اھو ان جو فيصلو ھو تھ وڏي ليڊر کي ڪرسي بھ وڏي ملندي آھي ۽ وڏي ليڊر کي سزا بھ وڏي ملندي آھي. اھڙي ريت ھن کي ڦاسي ڏني وئي.
4 اپريل جي شرمسار ڏينھن جي آڌي رات جو ھڪ شخص کي نھ پر ھڪ ملڪ جي معمار ۽ عوام جي ڌنار کي سوريءَ تي چاڙھيو ويو ھو. اھوئي سبب ھو تھ ھن جي موت تي ھن جي مخالف جا بھ ھٿ ڏڪي ويا. جن جي دلين ۾ ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ ڪروڌ ھو، انھن جون اکيون بھ آليون ٿي ويون. ڇو تھ ھو سڀ ڪنھن نھ ڪنھن ريت پاڻ کي شھيد ڀٽو جي قتل ۾ ملوث محسوس ڪري رھيا ھئا ۽ انھن جي اندر جو احساس غلط بھ نھ ھو. ذوالفقار علي ڀٽو کي آخري وقت تائين نھ صرف پاڻ سان ٿيندڙ سلوڪ جو افسوس بھ ھو ۽ کيس ملڪ کي درپيش خطرن جو تمام گھڻو خدشو ھو. ھن جھڙي ريت ٿوري وقت ۾ ٻھ ٽڪر ٿيل ملڪ کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ ۽ ھن جي دنيا ۾ نھ تھ ايشيا ۾ حيثيت مڃرائڻ وارو جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو ھو، ان کان پوءِ ھن جي ملڪي ۽ غيرملڪي مخالفن کي شدت سان محسوس ٿي رھيو ھو تھ ھو ۽ پاڪستان پاڻ ۾ لازم ملزو ٿي ويا آھن. جيتوڻيڪ ڪنھن بھ ملڪ لاءِ حافظ الاسد يا قذافي يا مائوزيتنگ ٿيڻ لاءِ نيشنلزم ۽ سوشلزم جو سخت گير نظام گھربل ھوندو آھي پر ذوالفقار علي ڀٽو جمھوري انداز سان ۽ عوام جي ڀرپور حمايت سان ملڪ جو مقبول ترين سربراهه بڻجي ويو ھو. ان ڪري ھن جي مخالفت صرف ساڄي ڌر کان نھ ھئي پر ھو کاٻي ڌر وارن جي دلين ۾ بھ چڀڻ لڳو ھو ۽ ھن جي حوالي سان انھن کي بھ محسوس ٿيڻ لڳو ھو تھ ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو نپولين بونا پارٽ بڻجي رھيو آھي. ھن جو ڏوھھ صرف ايترو ھو تھ ھو عوام سان شديد محبت ڪندو ھو ۽ عوام مان طاقت حاصل ڪندو ھو. ھن لاءِ ٻيون ڪي بھ شيون اھم نھ ھيون. ھن لاءِ اھم ھو تھ ھن جو اھو عظيم مقصد جنھن سان ھو عوام جي اجھاميل اکين ۾ اميدن جا ڏيئا ٻاري پنھنجي ان ڪاميابيءَ تي معصوم ٻارن وانگر فخر محسوس ڪندو ھو.
شھيد ڀٽو کي اھا بھ خبر ھئي تھ ڪي ڪي ماڻھو قبرن مان قيد ٿي نھ سگھندا آھن. ھو موت کان پوءِ ماڻھن جي دلين ۾ ڌڙڪندا آھن. اھڙي مقام کي ماڻڻ لاءِ ھن جي دل ۾ جيڪا تمنا تڙپندي رھندي ھئي، ان جو اظھار صرف ھن جي جذباتي تقريرن نھ پر ھن جي سنجيده تحريرن ۾ بھ موجود آھي.
تاريخ ثابت ڪيو تھ اھو اڄ بھ ماڻھن جو ھيرو آھي. تاريخ ثابت ڪيو اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ بھ پيڙھي در پيڙھي ھن جا سياسي مخالف بھ ھن کي نمي سلام ڪرڻ کان سواءِ رھي نھ ٿا سگھن. ڇو تھ ھو عوام ۾ دلين ۾ منتقل ٿي ويو آھي ۽ نسل در نسل منتقل ٿي رھيو آھي. ھن جي موت ۽ ان کان پوءِ ھن جي سياسي حيات مان اياز جا اھي ٻول سچ ثابت ٿيا آھن تھ:
“ملندي توکي مون وٽان، مٺ ھڏين جي موت
ھلندي تائين ھوت، ائين جھپيندا جندڙي”
ھن جي سياست سسئي ھئي. ھن جو ھوت عوام ھو. جيتوڻيڪ ھر سنڌي ماڻھوءَ وانگر راڻو راڳ وڻندو ھو ۽ ھن ھڪ ڀيري چيو بھ ھو پر بلڪھ ھن صرف چيو نھ پر لکيو بھ ھو تھ “مان سنڌ جو راڻو آھيان.”
اھو ھوت آڌيءَ رات اغوا ڪيو ويو. اھو راڻو رات جي تاريڪي ۾ سوريءَ جو سينگار ڪيو ويو ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت ڪنھن بھ دور ۾ عوام جي ان آواز کي دٻائي نھ سگھي. جڏھن ھو پوري ھوش ۽ جوش سان گونجندي چوندا ھئا تھ “ھن جي ڦاسي عدالتي قتل آھي.” ملڪ جي ذھين ذھنن ۾ اھو خيال سدائين ساهه کڻندو رھندو ھو تھ اھڙو دور ايندو، جڏھن سپريم ڪورٽ پنھنجي دامن تي لڳل شھيد ڀٽو جي خون جو داغ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ اڄڪلھھ اسلام آباد ۾ اھوئي ڪجھھ ٿي رھيو آھي.
ملڪ جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گذريل ڏينھن اھو تسليم ڪيو تھ شھيد ڀٽو جو ڪيس قانون ۽ انصاف جي حوالي سان شفاف طرح سان نھ ھليو. شھيد ڀٽو عوام جي دلين ۾ غم ۽ غصي جو سنگم بڻجي رھيو. ھن وقت جيڪڏھن ھڪ خاص ريفرنس تي شھيد ڀٽو جي ڪيس کي سپريم ڪورٽ ۾ 9 ججن جو بينچ ھلائي رھي آھي تھ ان ۾ سچائيءَ کان وڌيڪ سياست جا بھ ڪي پاڇا لڏن ٿا. جڏھن تھ ھن وقت تائين ۾ ڪيس ۾ جنرل ضياءَ جو ذڪر اھڙي ريت نھ ٿيو آھي، جھڙي ريت ٿيڻ گھرجي. ڇا شھيد ڀٽو جي عدالتي قتل بھ عدالت پاران افسوس جو اظھار ان سانحي سان انصاف ڪري سگھندو، جيڪو ھن مھل بھ ملڪ جي مٿان ڪنھن سج گرھڻ وانگر ڇانيل آھي.
ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل جنرل ضياءَ جي مرضيءَ مطابق ان دور جي ججن ھٿان ٿيو ھو. ان ڪري اھو قتل ڪنھن بھ صورت ۾ معاف نھ ٿو ڪري سگھجي. جيڪڏھن ڪنھن ڌر جي اھا سوچ آھي تھ ھن ريفرنس جي معرفت ذوالفقار علي ڀٽو جو جمهوري ۽ عوامي جذبو دفن ڪري ڇڏبو تھ اھا ھن جي عام نھ پر تاريخي ڀل آھي. ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين ڌڙڪي ٿو ۽ ڌڙڪندو رھندو. عوام لاءِ انصاف جو گھنڊ سدائين وڄندو.