ڪراچي: ماڊل عليزي گبول جي ملڪ زوريز کان طلاق جا افواهه دم ٽوڙي ويا آهن. عليزي اڄڪلهه مڙس سان گڏ اٽلي ۾ موجود آهي. عليزي گبول جي مڙس کان ڌار ٿيڻ جا افواهه گردش هيٺ هئا، ان دوران هن پاڻ به پنهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو هو. اڄڪلهه اداڪاره ۽ ماڊل مڙس سان گڏ اٽلي جي شهر ميلان جي سير جون تصويرون پنهنجي اڪائونٽ تان شيئر ڪري رهي آهي. هلندڙ سال فيبروري ۾ اداڪاره خاموشي سان ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ ان وقت مڙس جي سڃاڻپ به ظاهر نه ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close