شوبز

مس ورلڊ جي مقابلي ۾ شامل 17 حسينائون ڪرونا ۾ مبتلا، ايونٽ ملتوي

مس ورلڊ 2021ع جي مقابلي ۾ شريڪ 17 حسينائون ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويون آهن، جنهن بعد حسن جي مقابلي واري ايونٽ کي ملتوي ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت، آمريڪا، انگلينڊ، ڏکڻ آفريقا سميت سڄي دنيا مان پورٽو ريڪو پهتل 97 حسينائن جي پروگرام ۾ تياري دوران ڪرونا وائرس جي نشاندهي ٿي، جنهن انتظاميا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پروگرام ۾ شريڪ مس انڊونيشيا ڪارلا يوليس جي ڪرونا ٽيسٽ ٽي ڏينهن اڳ مثبت اچڻ بعد ساڻس روم ۾ گڏ رهندڙ ڀارت جي منسا ورانسي ۽ 5 ٻين کي بھ ڪرونا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو. جڏهن تھ مس ورلڊ 2021ع جي انتظاميا ٻن ڏينهن بعد ملائيشيا جي لوانيا سواجي سميت مجموعي طور 17 حسينائن ۽ آفيشلز جي ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن مس ورلڊ 2021ع جي آرگنائيزرن اعلان ڪيو آهي تھ دنيا جي سونهن راڻي جي چونڊ وارو فائنل مرحلو ملتوي ڪيو ويو آهي، ان جو فيصلو صورتحال کي نظر ۾ رکي 90 ڏينهن اندر ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button