شوبز

ڪترينا ۽ وڪي جو وليمو ڪرونا سبب جنوري تائين ملتوي

بالي ووڊ جي اداڪار جوڙي ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل شادي بعد رٿيل وليمو ڪرونا ڪيسن ۾ اوچتو آيل اضافي سبب ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هاڻ جنوري ۾ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ميڊيا مطابق ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي واري وليمي ۾ وي آئي پي شخصيتون ۽ وڏي تعداد ۾ دوست سڏائڻ جو فيصلو ڪرڻ بعد ڪرونا کان بچڻ خاطر احتياطي قدم طور وليمي کي ملتوي ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تھ وليمي جي تقريب ۾ مهمانن جو تعداد گهڻو هجڻ ڪري ڪرونا پکڙجڻ جو خدشو هو. هوڏانهن وڪي ڪوشل﷢ ڪم تي واپسي جو اشارو ڏيندي تصوير شيئر ڪندي پهرين چانهه بعد ۾ ڪم ڪبو، لکيوآ هي. جڏهن تھ ڪترينا جي تيار ڪيل حلووي سندس ساهرا خوش ڪري ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button