شوبز

ماڻهو فنڪارن کي ڪا ٻي مخلوق سمجهندا آهن: ميشا

پاڪستان جي مشهور ڳائڻي ميشا شفيع چيو آهي تھ ماڻهو فنڪارن کي ڪا ٻي مخلوق سمجهندا آهن. لاهور جي عدالت ۾ هتڪ عزت ڪيس ۾ ميشا شفيع پيش ٿي پنهنجي حاضري لڳائي آهي. جڏهن تھ عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌا آهن. ان کان اڳ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ميشا شفيع جو چوڻ هو تھ اسان فنڪارن جي بھ ذاتي زندگي هوندي آهي، اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد گهرجي ٿي. هن چيو تھ هتڪ عزت ڪيس ۾ منهنجو ڪيريئر متاثر ٿيو آهي، اهڙن ڪيسن ۾ ذاتي زندگي ۽ صحت تي بھ اثر پوي ٿو. هن چيو تھ اسان کي بھ ٻين عام ماڻهن جيان زندگي گذارڻ جو حق ملڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button