شوبز

حريم کي هر شيءِ جي اجازت آهي، ڀلي ڪجهه نه ٻڌائي: بلال شاهه

لاهور: ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پهريون ڀيرو پنهنجي مڙس بلال شاهه سان گڏ انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن پنهنجي شادي بابت ڪجهه ڳالهيون ڪيون. هڪ خانگي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ بلال شاهه ٻڌايو ته منهنجي شادي نه رڳو محبت جي شادي هئي پر ان ۾ والدين جي رضامندي به شامل هئي. بلال شاهه سان شادي ڪرڻ واري فيصلي تي حريم شاهه چيو ته شادي کان اڳ اسان ٻنهي جي ڪابه ملاقات نه ٿي هئي ۽ نه ئي وري اسان جو فون تي رابطو ٿيو هو، هڪ ٻئي سان ملاقات جي ڪجهه وقت کان پوءِ اسان کي احساس ٿيو ته هاڻ اسان کي شادي ڪرڻ گهرجي. حريم شاهه چيو ته منهنجا گهر ڀاتي هن رشتي مان ڪافي خوش هئا، مون گهر ڀاتين جي ڪري کيس قبول ڪيو ۽ هاڻ هن سان محبت به ٿي وئي آهي. ٻئي طرف بلال شاهه کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا اوهان ان جي اجازت ڏيندا ته هن جواب ڏنو ته منهنجي طرفان هن کي هر شيءِ جي اجازت آهي. حريم کي ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي ته هاڻ شادي ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button