شوبز

فاروق ستار دوست آهي، هوٽل ۾ ملاقات بھ ڪئي: حريم شاهه

پاڪستان جي تڪرارن سان ڀرپور ٽڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه انڪشاف ڪيو آهي تھ مشهور سياستدان فاروق ستار منهنجو سٺو دوست آهي، جنهن مون سان هوٽل ۾ ملاقات بھ ڪئي هئي. هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ فاروق ستار سان منهنجي پهرين ملاقات ڪراچي جي هوٽل ۾ ٿي، جتي اڌ مني ڪلاڪ تائين اسان ڪچهري بھ ڪئي هئي. حريم شاهه چيو تھ هو انتهائي ڪوڙو انسان آهي، چوي ٿو ملاقات هوٽل ۾ نھ ٿي، نھ مون کي سڃاڻندو هو، پر سچ اهو آهي تھ هو مون وٽ هلي آيو ۽ اسين گڏجي ويٺاسين. هن چيو تھ فاروق ستار وٽل جي لفٽ ۾ پهريون ڀيرو مليو، اتي ئي اسان فون نمبر هڪٻئي کي ڏنا، جنهن بعد هڪ ڍابي تي اچي ماني بھ کاڌي. هن چيو تھ فاروق ستار منهنجو نمبر ناٽي گرل جي نالي سان پنهنجي موبائيل ۾ محفوظ ڪيو آهي، شرارتي بھ سڏيو هو. فاروق ستار مون کي چيو تھ جيڪو ٻِين ڪيو اٿئي، مون سان ائين نھ ڪجان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button