شوبز

روز محمد رنگ جي بنياد تي تعصب کي وائکو ڪري ڇڏيو

پاڪستاني ماڊل مٿيرا جي ڀيڻ روز محمد شوبز انڊسٽري ۾ رنگ جي بنياد تي تعصب کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق روز محمد خانگي ٽي وي جي شو ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو تھ پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ اڇي رنگت وارن کي ڪم آساني سان ملي ٿو ۽ ڀورين اداڪارائن تي عوام ڌيان ڏيندو آهي. هن چيو تھ حد اها آهي جو ڪاري چمڙي وارا ڪردار بھ کڻيو وڃن. جڏهن تھ منهنجي خيال ۾ ڪاري رنگ وارو ڪردار اڇي رنگت واري اداڪارا کي نھ ڏنو وڃي، تھ جيئن ڪردار حقيقي لڳي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button