شوبز

حديقا ڪياني پشتو کي ڏکين ٻولين ۾ شامل ڪري ڇڏيو

پاڪستان جي سريلي ڳائڻي حديقا ڪياني پشتو کي ڏکين ٻولين ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن ٻڌايو تھ مون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳايو، پر پشتو تمام گهڻي ڏکي زبان لڳندي آهي. هن جو چوڻ هو تھ پشتو بعد چيني ۽ فرانسسي ٻوليون بھ ڏکيون آهن. هن چيو تھ پراڻا گانا نئين انداز ۾ آڻڻ بهتر لڳندو آهي. هن چيو تھ اداڪاري ڳائڻ کان وڌيڪ سخت آهي. هن اعلان ڪيو تھ مان ايندڙ سال وصل نالي سان نئون ميوزڪ البم آڻيان پئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو تھ نئين ڊرامي دوبارا ۾ مون بزرگ عورت جو ڪردار ڪيو آهي، جيڪا هڪ نوجوان سان محبت ڪندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button