شوبز

زينب شبير کي هوٽل ۾ ويٺي شادي جي آڇ

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا زينب شبير کي هوٽل ۾ ويٺي شادي جي آڇ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق زينب شبير هوٽل ۾ پنهجي سالگرهه ملهائي رهي هئي، ساڻس گڏ ڀيڻ ۽ ڪجهه دوست پڻ هئا، جنهن دوران ان هوٽل ۾

هڪ خاندان پڻ موجود هو، جن مان هڪ عورت سندس رشتو گهري ورتو هو. زينب شبير حيران ڪرڻ واري انداز ۾ ٻڌايو تھ هوٽل ۾ ڀيڻ منهنجي سالگرهه ملهائي، جنهن دوران هڪ خاندان بھ اتي ئي آيو هو. هن جو چوڻ هو تھ هڪ عورت اوچتو اسان جي ويجهو اچي ويٺي ان دوستن کان منهنجو نالو ۽ خاندان بابت پڇيو ۽ چيو تھ کيس منهنجو رشتو گهرجي ٿو. هن چيو تھ مان ان وقت حيران ٿي ويس جو منهنجي دوست اهو جواب ڏنو تھ زينب اڃا ننڍي آهي، تنهنڪري شادي جو ڪو ارادو ڪونهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button