بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي مڙس اداڪارا وڪي ڪوشل مٿان سارا خان کي موٽرسائيڪل تي ويهاري شهر جو سير ڪرائڻ تي ٿاڻي ۾ درخواست داخل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق فلم جي شوٽنگ دوران سارا خان ۽ وڪي ڪوشل جي منظر جي رڪارڊنگ دوران استعمال ٿيل موٽرسائيڪل جي نمبر تي معاملو ڪيس تائين پهتو آهي. اندور واسي شهري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي تھ اجازت بنا منهنجي نمبر پليٽ استعمال ٿي، ان تي ڪاروائي ڪئي وڃي. جڏهن تھ مقامي پوليس جو چوڻ هو تھ نمبر پليٽ جي قانوني رخ کي ڏسنداسين، ڏوهه هوندو تھ ڪاروائي ٿيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close