پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا اريبا حبيب پيڪن مان رخصت ٿي پيا جي گهر پهچي نئين زندگي جو سفر شروع ڪري ورتو آهي. جڏهن تھ شادي جي تقريب دوران مڙس سان گڏ سندس ڊانس واري وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق اريبا حبيب جي رخصتي جا جذباتي منظر هڪ وڊيو ذريعي سامهون اچي ويا، جن ۾ اريبا کي والد سان گڏ رخصت ٿيڻ وقت خوشگوار موڊ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جڏهن تھ شادي جي تقريبن جي وڊيوز ۾
اريبا سان گڏ سندس ساٿي اداڪار بھ جهومندا نظر اچي رهيا آهن. اريبا حبيب جي رخصتي واري تقريب ۾ يشما گل، اقرا عزيز، فاطما آفندي، زباب رانا، ناديا حسين، شرميلا فاروقي، منشا پاشا ۽ ٻيا شريڪ ٿيا آهن. جڏهن تھ بالي ووڊ اداڪارا پويترا پونيا کيس مبارڪ ڏني آهي.