شوبز

منهنجي ٽوئيٽ بعد علي ظفر کي ايوارڊ مليا: ميشا

پاڪستان جي مشهور ڳائڻي ميشا شفيع چيو آهي تھ منهنجي ٽوئيٽ ڪرڻ بعد علي ظفر کي ايوارڊ مليا، شهرت ۽ آمدني ۾ اضافو الڳ آهي. لاهور جي عدالت ۾ هتڪ عزت ڪيس جي ٻڌڻي دوران علي ظفر جي وڪيل جي جرح دوران ڏنل جوابن ۾ هن جو چوڻ هو تھ وزيراعظم عمران خان علي ظفر کي نمل يونيورسٽي جو سفير بڻايو، ساڻس ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين معاهدا ڪيا. جڏهن تھ علي ظفر شهرت سميت اهو ڪجهه ماڻيو جيڪو کيس اڳ نھ مليو ۽ اهو سڀ ڪجهه کيس منهنجي ٽوئيٽ جي بدلي ۾ مليو آهي. هن هڪ جرح جي موٽ ۾ ٻڌايو تھ مون 2019ع ۾ هڪ ڪروڙ ۽ 2021ع ۾ 35 لک ڪمايا، ڪينيڊا ۽ پاڪستان ۾ ٽيڪس بھ ڏنو آهي. هن چيو تھ مستقل بنيادن تي ڪينيڊا ۾ رهندي آهيان، پر شهريت ناهي.

ڪيس سبب علي ظفر کي نٿو لڳي تھ نقصان پهتو آهي: ڳائڻي

پاڪستاني ڳائڻي ميشا شفيع علي ظفر هتڪ ڪيس ۾ جرح دوران ٻڌايو تھ مون کي نٿو لڳي تھ هن ڪيس جي ڪري علي ظفر کي ڪو نقصان پهتو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران علي ظفر جي وڪيل سوال ڪيو تھ اوهان مڃيو ٿيون تھ ڪيس سبب علي ظفر کي مالي نقصان ٿيو، ميشا وراڻيو تھ ٿي سگهي ٿو ۽ نالو بھ خراب ٿي سگهي پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button