
پاڪستاني اداڪارا صبور علي جي ڍولڪي بعد مايون جي رسم بھ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق صبور علي شادي جي رسمن جي شروعات ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ميڊيا مطابق صبور علي مايون جي تصوير جي ڪيپشن ۾ بسم اللھ لکي آگاهي ڏني آهي. جڏهن تھ تصوير ۾ علي انصاري ۽ صبور علي هڪٻئي کي ابٽن لڳائيندي نظر آيا آهن. هوڏانهن شوبز دنيا جي ساٿين ۽ دوستن توڙي مداحن جوڙي کي مبارڪون بھ ڏنيون آهن.