شوبز

هالي ووڊ فلم جي آڇ بولڊ منظرن سبب رد ڪئي: سجل

پاڪستاني اداڪارا سجل علي چيو آهي تھ مون هڪ هالي ووڊ فلم جي آڇ رڳو ان ڪري رد ڪئي جو ان ۾ بولڊ منظر شامل هو. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ فلم ۾ مون کي فلم ۾ اهم ڪردار جي آڇ ٿي هئي، پر ان ۾ هڪ بولڊ منظر بھ هو. جڏهن تھ اهو ڪردار باڊي ڊبل ذريعي يعني ٻئي ماڻهو کي منهنجي چهري جو ماسڪ پارائي ڪرڻ ممڪن هو، پر مون ان کي ملڪ ۽ مداحن سبب انڪار ڪيو. هن چيو تھ عالمي ڪم ملڻ خوشقسمتي آهي، جيڪڏهن مون کي اتي ڪم ملي بھ ٿو تھ مان پنهنجي انڊسٽري کان پري نھ ٿينديس. هن چيو تھ بالي ووڊ فلم موم ۾ ڪم بعد مون پاڪستان ۾ سپر اسٽار مڃيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button