شوبز

آمريڪا شام ڄائي برطانوي ماڊل کي ويزا جاري نھ ڪئي

آمريڪا شام ۾ جنم وٺندڙ برطانوي ماڊل لين ڪلائيو کي مسز ورلڊ جي مقابلي ۾ شرڪت خاطر ويز ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ماڊل لين ڪلائيو جي مسز ورلڊ مقابلي ۾ شرڪت واري درخواست کي رد ڪيو ويو، جنهن جو جواز شام ۾ سندس جن م ٿيڻ ڄاڻايو ويو آهي. لين ڪلائيو جو چوڻ آهي تھ مون کي شام ۾ جنم وٺڻ جو جواز ڄاڻائي آمريڪا جي اختيارين ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. جڏهن تھ مان برطانوي شهري آهيان، منهنجي مڙس ۽ نياڻي کي اختيارين ويزا ڏني آهي، پر مون کي نھ ملي آهي. هوڏانهن آمريڪي اختياري ٻڌايو تھ ويزا رڪارڊ قانون تحت ڳجهو آهي، تفصيل نٿا ٻڌائي سگهجن. ٻئي پاسي آمريڪي حڪومت سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ جن ملڪن ۾ رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ٿيندي هجي، انهن جا ماڻهو قونصلر وٽ وڃي انٽرويو ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button