شوبز

ڊرامي پري زاد جي آخري قسط سينيما ۾ ڏيکارڻ جو اعلان

پاڪستان جي مشهور ڊرامي پري زاد جي آخري قسط سينيما ۾ ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڊرامن جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيڻ بعد انهن کي سينيما ۾ ڏيکارڻ وارو ٽرينڊ مقبول ٿي ويو آهي ۽ ان ئي ٽرينڊ تحت خانگي ٽي وي جي اختيارين 22 جنوري تي سينيمائن کي بڪ ڪري ڇڏيو آهي تھ جيئن ڊرامي کي وڏي اسڪرين تي ڏيکاري سگهجي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ پري زاد کان اڳ ميري پاس تم هو ۽ عهد وفا بھ سينيما ۾ رليز ٿي چڪا آهن ۽ سنگ ماهه جي پهرين قسط پڻ سينيما ۾ ڏيکاري وئي آهي. ڊرامي ۾ صبور علي، عروا حسين، يمنا زيدي سان گڏ احمد علي اڪبر مک ڪردار ادا ڪري پاڻ مڃايو آهي. جڏهن تھ مشال خان پڻ اهم ڪردار ڪيو آهي. هوڏانهن يمنا زيدي جو چوڻ آهي تھ ڊرامي پري زاد سان منهنجون ڪيتريون ئي يادون ڳنڍيل آهن، تنهنڪري اهو مون کان وسري نھ سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button