پاڪستان جي تڪرارن کي جنم ڏيندڙ ٽڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه پنهنجي خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ واري اعلان بعد پريشانين ۾ وڪوڙجي وئي آهي، جڏهن تھ سندس وڊيو ۾ ڏيکاريل پيسن جي مالڪي لنڊن جي هڪ بزنس مين دانيال ڪئي آهي. حريم شاهه پاران شيئر ڪيل وڊيو ۾ هڪ ماڻهو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ اهو پنهنجو نالو دانيال ۽ مني ٽرانسفر جو بزنس ڪندڙ ڄاڻائي ٿو. دانيال جو چوڻ هو تھ حريم شاهه مون وٽ لنچ ڪرڻ آئي، جنهن ٽيبل تي ڪلائينٽ جي رقم ڏسي ان جي وڊيو ٺاهي آهي، ان ۾ مني لانڊرنگ جو ڪو عنصر شامل ناهي. هوڏانهن حريم شاهه وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو آهي تھ مني لانڊرنگ ڇا آهي، مون کي تھ ان جي ڪابھ خبر ناهي. هن چيو تھ دانيال وٽ ويس، جتي گهڻا پيسا ڏسي مذاق ۾ وڊيو ٺاهي تھ ڏچو ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو تھ وڊيو واري رقم منهنجي ناهي، مون رڳو مذاق ڪيو هو.
سول ايوي ايشن حريم شاهه خلاف جاچ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
پاڪستان سول ايوي ايشن جي اختيار ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه خلاف ڪنهن بھ قسم جي جاچ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق حريم شاهه جي وڊيو ۾ وڏي رقم پرڏيهه منتقل ڪرڻ واري وڊيو تي سيول ايوي ايشن جي اختيارين جو چوڻ هو تھ مني لانڊرنگ روڪڻ ڪسٽمز جي ذميواري آهي، اسين ان معاملي کي نھ پيا ڏسون ۽ نھ ڪاروائي ٿي رهي آهي.