موني رائي جي شادي
ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا موني رائي 27 جنوري تي ويجهي دوست سورج نمبيار سان شادي ڪري رهي آهي. جوڙي شادي جو هنڌ گووا کي مقرر ڪري ورتو آهي.
علي گل پير جي مڱڻي
پاڪستان جي مشهور ڪاميڊين علي گل پير مڱڻي ڪري ورتي آهي. جڏهن تھ سندس مڱڻي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، پر اڃا علي گل پير تصديق ناهي ڪئي.
آسڪر تقريب ضرور ٿيندي
لاس اينجلس: آسڪر ايوارڊ جي تقريب مقرر وقت تي ميزبان سان گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر ميزبان جو نالو ناهي ٻڌايو ويو. گذريل سال اها بنا ميزبان جي ٿي هئي.
صوفيا جي ٻارن جو ڪيس
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اداڪارا صوفيا مرزا جي ٻارن جي اغوا ڪيس ۾ اڳوڻي مڙس خلاف ريڊ وارنٽن تي عمل خاطر ڪاميٽي جوڙڻ ۽ اڳڀرائي رپورٽ گهري آهي.