شوبز

مني لانڊرنگ الزامن ۾ حريم شاهه کي بچائيندڙ پي ٽي آئي جو ٽڪيٽ هولڊر نڪتو

پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه تي مني لانڊرنگ جي الزامن هيٺ ايف آئي اي جي جاچ ۾ تيزي اچڻ بعد اها مشڪلاتن ۾ ڦاسي پئي آهي، پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها سامهون آئي آهي تھ حريم شاهه جي وڊيو ۾ نظر هزارين برطانوي پائونڊن جي رقم جي مالڪي ڪري حريم شاهه کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڪستاني واپاري دانيال ملڪ 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آئي جو ٽڪيٽ هولڊر هو ۽ ان پي ٽي آئي جي اميدوار طور فيصل آباد مان اليڪشن پڻ وڙهي. پاڪستاني صحافي جي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل خبر موجب دانيال ملڪ ٻڌايو آهي تھ هن 2018ع ۾ پاڪستان اچي پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ تي چونڊن ۾ بھ حصو ورتو ۽ ٻاهر ويو. دانيال ملڪ اهو پڻ چيو تھ مان صادق ۽ امين آهيان، حريم شاهه وارا پيسا منهنجا آهن، اوهان حقيقي مني لانڊرنگ ڪندڙن کي پڪڙيو. هوڏانهن حريم شاهه وڊيو ۾ پيسا هٿن ۾ کڻي مني لانڊرنگ ڪرڻ جو اعتراف ڪري ڦاسي پئي آهي، سندس ترديدي وڊيو ۽ وضاحت باوجود ايف آئي اي جاچ ۾ تيزي آندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button