شوبز

آئمھ بيگ سان ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ بدتميزي، ڳائڻي تپي باهه

پاڪستان جي مشحور ڳائڻي آئمھ بيگ سان ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ بدتميزي ٿيڻ جو واقعو ٿيو آهي، جنهن تي  ڳائڻي تپي باهه ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق آئمھ بيگ لاهور ۾ ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ پرفارم ڪري رهي هئي تھ هڪ نوجوان کيس نامناسب اشارا ڪيا، جنهن تي آئمھ بيگ ڪاوڙ ۾ نوجوان کي ڇنڊ پٽي کيس گندو جيت سڏيندي رهي. ان موقعوي تي ڳالهائيندي آئمھ بيگ ان نوجوان کي مخاطب ٿيندي چيو تھ هي لاهور شهر آهي ۽ مان بھ لاهوري آهيان، تنهنڪري نامناسب اشارن کان ڊجڻ مون سکيو ئي ناهي. ان کان اڳ آئمھ بيگ جي نوجوان کي ڇنڊ پٽڻ بعد ڪنسرٽ ۾ موجود ماڻهن بھ ان تي تنقيد ڪئي.

آئمھ بيگ ايف بي آر وٽ ساڍا 8 ڪروڙ رپين جي باقيدار نڪتي

آئمھ بيگ جو خوبصورت انداز ۾ ڏنل پوز (فائيل فوٽو)

ايف بي آر ٽيڪس ادا نھ ڪندڙ شوبز ستارن کي پنهنجي ريڊار تي آڻي ورتو آهي، جنهن جي رپورٽ مطابق مشهور ڳائڻي آئمھ بيگ ساڍا 8 ڪروڙ رپين جو ٽيڪس ادا نھ ڪيو آهي، تنهنڪري اها ايف بي آر وٽ باقيدارن جي فهرست ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ايف بي آر سندس گاڏيون ضبط ڪرڻ جو نوٽيس ڏياري موڪليو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button