پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ گرل حريم شاهه انڪشاف ڪيو آهي تھ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سان سندس دوستي فون جي هڪ مس ڪال ڏيڻ تان ٿي هئي. لنڊن ۾ ميڊيا عيوضين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ شيخ رشيد سان منهنجي پهرين ملاقات هڪ تقريب ۾ ٿي هئي، جتي مون کيس ٻڌايو تھ مان اوهان جي مداح آهيان، جنهن تي هن مڙي مون کي ڏٺو ۽ فوري طور تي پنهنجو نمبر ڏئي ڇڏيو. هن چيو تھ شيخ مون کي چيو تھ مس ڪال ڏي، جيڪا مون ڏني ۽ ان تان دوستي ٿي وئي. هن جو چوڻ هو تھ اسان جي دوستي رڳو فون تي نھ هئي، ڪيترائي ڀيرا هن لال حويلي ۾ گهرايو ۽ دعوت بھ ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close