شوبز

عابدا جي عاجزي ۾ نصيبو لال رڱجي وئي…!!

عابدا پروين راڳ جي دنيا ۾ افق تي چمڪندڙ ستاري جيان آهي، پر سندس عاجزي، عجز ۽ نوڙت باقي سموري شهرت کان مٿانهين ٿي بيهي رهندي آهي، اهڙو ئي ڪجهه گذريل ڏهاڙن ۾ ان وقت پسيو ويو، جڏهن عابدا پروين ۽ لوڪ راڳ جي راڻي نصيبو لال ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 ۾ جهوم تو گڏجي ڳائڻ خاطر اسٽوڊيو ۾ پهتيون. نصيبو لال اڳ ئي اسٽيج تي موجود هئي، عابدا پروين جيئن پهتي تھ نصيبو اٿي بيهي سندس آجيان ڪرڻ گهري تھ عابدا کيس روڪي ورتو ۽ سندس هٿ پڪڙي چميو، جنهن تي نصيبو ماڻهن کي ٻڌايو تھ هي ڏسو پيار، نصيبو اٿي عابدا جي پويان هٿ ٻڌي ادب ۾ بيهي ٿي ۽ ٻئي هڪٻئي کان ڳائڻ جي اجازت وٺڻ ٿيون. مداح ٻنهي ليجنڊس جي اها نوڙت ۽ احترام واري وڊيو ڏسي تبصرا ڪري رهيا آهن تھ هاڻ اهو سڀ ناياب ٿيندو پيو وڃي، هن وقت سينيئر ۽ جونيئر جي حد ناهي رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button