لنڊن :موسيقي جي اعليٰ ترين ايوارڊ جي تقريب هلندڙ مهيني 31 تاريخ تي رٿيل هئي پر ڪرونا جا ڪيس وڌڻ سبب گريمي ايوارڊ جون تقريبون 3 اپريل تي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. گريمي ايوارڊ جي انتظاميا طرفان پروگرام ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. رائٽرز موجب گريمي ايوارڊ جي انتظاميا ڪرونا جا ڪيس ٻيهر وڌي وڃڻ تي رٿيل پروگرام في الحال ملتوي ڪيو آهي ۽ گريمي ايوارڊ جون تقريبون اپريل ۾ 3 تاريخ تي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته موسيقي جي هن اعليٰ ترين ايوارڊ جي تقريب هلندڙ مهيني 31 تاريخ تي رٿيل هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close