پئرس:فرانسيسي سپر اسٽار گيسپارڊ يوليل اسڪيٽنگ دوران حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. اداڪار اسڪيٽنگ دوران ٻئي شخص سان ٽڪرائجڻ دوران حادثي ۾ دم ڏنو. سندس ڄمار 37 سال هئي ۽ هو يورپ جو اڀرندڙ ستارو هو. هو فيشن ۽ پرفيوم برانڊز جو سفير هو، هن هڪ ئي وقت تي فلمن، ڊرامن ۽ ٿيٽر انڊسٽري ۾ مقبوليت حاصل ڪئي هئي. پرڏيهي ميڊيا اي پي موجب هو سياحتي ماڳ لارزوري رزٽ ۾ اسڪيٽنگ ڪري رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو. خراب موسم جي ڪري حادثو پيش آيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close