لاهور :پاڪستان ۾ ڪرونا وبا جي ڪري سينيما گهرن ۾ بنا شوقينن جي نمائش جي هدايتن باوجود هارر فلم جاويد اقبال، دي ان ٽولڊ اسٽوري آف سيريل ڪلر کي هلندڙ مهيني جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ياسر حسين ۽ عائشا عمر جي هن هارر ٿرلر فلم کي گذريل سال جي آخري مهيني ڊسمبر ۾ رليز ٿيڻو هو. هالي ووڊ فلمن جي نمائش جي ڪري اها سيريز جاري نه ٿي سگهي. فلم جي مرڪزي ڪردار ياسر حسين انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي لکيو آهي ته هارر فلم جاويد اقبال، دي ان ٽولڊ اسٽوري آف سيريل ڪلر کي هلندڙ مهيني 28 جنوري تي جاري ڪيو ويندو. هن شوقينن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي ڪٽنب سميت سينيما گهرن ۾ فلم ڏسڻ لا اچن. ياد رهي ته حڪومت طرفان 50 سيڪڙو شوقينن کي سينيما گهرن ۾ ويڪسينيشن ڪرائڻ بعد اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close