شوبز

آئما بيڪ جا ٽيڪس نه ڏيڻ تي سمورا اڪائونٽس منجمد

لاهور : فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) گلوڪارا آئما بيڪ جا سمورا بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪري ڇڏيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته گلوڪارا ڏانهن انڪم ٽيڪس جي مد ۾ ايف بي آر جا ساڍا 8 ڪروڙ رهيل آهن پر ايف بي آر کي آئما بيڪ جي بينڪ اڪائونٽس مان رڪوري ناهي ٿي سگھي. ذريعن موجب آئما بيگ پنهنجي اڪائونٽس مان اڍائي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم ڪڍرائي اڪائونٽس خالي ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب ايف بي آر آئما بيڪ جون گاڏيون ضبط ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايف بي آر انڪم ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي آئما بيگ کي نوٽيس جاري ڪيو هو، ايف بي آر موجب آئما 2018،2019،2020 جو انڪم ٽيڪس جمع ناهي ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button