ڪراچي:پ پ ايم پي اي شرميلا فاروقي طرفان پنهنجي ما بابت ناديا خان جي وڊيو سامهون اچڻ بعد تنقيد ڪرڻ ۽ ايف آ اي ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ جي اعلان بعد ٽي وي هوسٽ ناديا خان پڻ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. ڪالهه يوٽيوب تي پنهنجي مڙس سان گڏ رڪارڊ ڪيل وڊيو ۾ ناديا خان چيو آهي ته منهنجو مڙس به گواهي ڏيندو، مون شرميلا جي ما جي عزت ڪئي آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان کي خراب ڇو پيو سمجهيو وڃي. ناديا جي مڙس جو چوڻ هو ته مون کي انيسا فاروقي بابت وڊيو ۾ ڪا به اهڙي نامناسب ڳالهه نظر ناهي آئي. ناديا خان چيو ته وڊيو کي ڀلي غور سان ڏسو ته ان ۾ ڪٿي نامناسب لفظ استعمال ڪيل آهن؟ مون ته هن جي عزت ڪئي ۽ پيار سان پيش آيس. شرميلا اسان سان ڪو به رابطو نه ڪيو، جيڪڏهن هو چوي ها ته ڪلپ هٽائي ڇڏيان ها پر هن سوشل ميڊيا تي معاملي کي آڻي ڇڏيو. افسوس جو انيسا فاروقي جي پنهنجي ڌي هن معاملي کي ميڊيا ۾ کڻي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close