پنجاب جي حڪومت سيريل ڪلر جاويد اقبال جي زندگي تي تيار ڪيل فلم جي نمائش تي سڄي صوبي ۾ فوري طور پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق فلم جاويد اقبال: ان ٽولڊ اسٽوري ٻارن جي قاتل جي زندگي تي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عائشا عمر ۽ ياسر حسين مک ڪردار ادا ڪيو آهي. فلم تي پابندي جي خبر ياسر حسين ۽ فلم ميڪر ابو عليحا شيئر ڪيو آهي. هدايتڪار ابو عليحا فلم تي پابندي کي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي ۽ چيو تھ فيصلو تبديل نھ ٿيو تھ ان کي لاهور هائي ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close