شوبز

خطرن سان کيڏندڙ آهيان، ڪو خوف ناهي، آمدني قانوني آهي: حريم شاهه

پاڪستان جي تڪرارن سان ڀرپور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه چيو آهي تھ مان خطرن سان کيڏندڙ آهيان، ڪنهن بھ خوف ۾ مبتلا ناهيان، ڇاڪاڻ تھ منهنجي آمدني قانوني آهي. لنڊن ۾ خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ايف آئي اي کي ڪو حق ناهي تھ اهو منهنجا ذاتي دستاويز ميڊيا وارن کي ڏئي، ڇوتھ مون غلط ڪم ناهي ڪيو. حريم شاهه جو چوڻ هو تھ اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي خبر ميڊيا ذريعي پئي، جيڪڏهن منهنجا اڪائونٽس منجمند ڪرڻا آهن تھ ان ڏس ۾ ثبوت بھ ڏيڻا پوندا آهن. هن جو چوڻ هو تھ ادارن جو ڪم اسان جي حفاظت ڪرڻ آهي، تنگ ڪرڻ ناهي، مني لانڊرنگ بابت وڊيو مذاق ۾ ئي ٺاهي. مان پنهنجي غلطي تسليم ڪيان ٿي، پاڪستان وڃي هر اداري سان سهڪار ڪرڻ لا تيار آهيان.

منهنجو ذڪر ائين پيا ڪن، ڄڻ متحدا جو باني پڪڙيو هجين: حريم

ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چٿر واري انداز ۾ چيو آهي تھ منهنجو ذڪر ائين پيو ڪيو وڃي ڄڻ ڪو متحدا جي باني کي وڪڙيو هجين. لنڊن ۾ ڏنل انٽرويو دوران هن جو چوڻ هو تھ شهزاد اڪبر پنهنجي بيعزتي پاڻ ڪرائي آهي، ڇاڪاڻ تھ ان جيڪو منهنجي ڏس ۾ هتي جي اختيارين کي خط لکيو، ان کي ڪنهن بھ اداري ڪا اهميت ئي نھ ڏني آهي. لنڊن ۾ مزا ماڻي رهي آهيان، ڪنهن بھ برطانوي اداري مون سان رابطو ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button