شوبز

فلم انڊسٽري جي 100 سالن مان 71 سال لتا جا آهن

تجزيو: غلام رسول برفت

راڳ زندگي جي علامت آهي، سرن جي لئي، مٿاهين ۽ هيٺاهين جهڙي ريت لهرن جيان رواني ۾ هلي ٿي، بلڪل اهڙي ئي نموني انسان ساهه جي تند کي چوريندو رهندو آهي، کن پل ۾ اوهان ٽهڪن ۾ هجو ٿا، تھ پل ۾ اکين مان ڳوڙها جيان پيا وهندا، اوهين بيخبر رهجي ويندا تھ ڪو سڏڪن ۾ آهيو يا چپن تي مسڪراهٽون وکرجي ويون آهن ۽ انساني ڪيفيتن کي پل پل ۾ بدلائڻ جو هنر رڳو راڳ ئي ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري ئي شايد چيو ويو تھ راڳ روح جي غذا آهي، يا سرن جي آلاپ سان ڪڪر برسي سگهن ٿا. هائو، لتا منگيشڪر جي نالي واري راڳ جي راڻي بھ اهڙي ريت ئي انساني ڪيفيتن سان کيڏڻ جو هنر ڄاڻندي هئي، جنهن کي محبتون بھ اٿاهه مليون، جنهن کي ديوي، ڪوئل، ديدي ۽ ٻيا نھ ڄاڻ ڪيترا لقب ملندا ويا ۽ هن انهن محبتن کي پنهنجي نوڙت واري مزاج ۾ جذب ڪري گهوٽي پي ڇڏيو، تنهنڪري ڪڏهن بھ ڪاوڙ وارو گهنج سندس نرڙ ۾ نھ پيو. فلم انڊسٽري سميت سڄي دنيا ۾ هن وقت سندس وڇوڙي تي سوڳ پيو ملهايو وڃي، سندس ملڪ جو جهنڊو سرنگون آهي، پر لتا جي، جيستائين ڪائنات آهي، تيسين زندهه رهندي، اها امر آهي، وڏي ڳالهه اها آهي تھ، فلم انڊسٽري جي 100 سالن مان 71 ورهيھ تھ هن جي نالي آهن.

1. لتا آنند ڌن جي نالي سان 4 ۽ پنهنجي نالي سان هڪ مراٺي فلم جي موسيقي ترتيب ڏني.

2. هن اداڪارا طور ڪيريئر جو سفر شروع ڪيو، معاشي تنگي سبب ننڍپڻ ۾ ڪم ڪيائين.

3. فلم مجبور ۾ آئيگا آني والا آئيگا ڳايو تھ مٿس فلمن جي آڇن جي برسات ٿي وئي.

4. اشوڪ ڪمار جي پويان لڳڻ تي لتا کيس اوباش سمجهي شڪايت فلم جي موسيقار سان ڪئي، جنهن سندن ملاقات ڪرائي تعارف ڪرايو، بعد ۾ ٻنهي گڏجي ڪيترائي گيت ڳايا.

5. 60 جي ڏهاڪي ۾ رائلٽي جي معاملي تي لتا محمد رفيع، راج ڪپور ۽ ميوزڪ ڪمپني سان جهيڙو ڪيو،

6. فلم فيئر وارن سان تڪرار ڪري 1959ع ۾ راڳين جي ڪيٽيگري ۾ ايوارڊ ڏيارڻ شروع ڪرايا

7. 27 جنوري 1963ع ۾ لتا جو گيت اي ميري وطن ڪي لوگو ٻڌي جواهر لال نهرو روئي ويٺو، هن ملاقات ۾ کيس ٻڌايو تھ، تو مون کي روئاري ڇڏيو آهي.

8. گانن جا ٻول چونڊڻ ۽ گيت جي شاعري سان گڏ ان ۾ موجود ڪيفيتن کي سمجهي لتا سر آلاپڻ جي ماهر رهي.

9. لتا منگيشڪر کي 1962ع ۾ زهر ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو تھ، هڪ مهيني تائين بيمار رهيس، پيٽ جو ايڪسري ڪيو ويو تھ ڊاڪٽرن ٻڌايو تھ مون کي زهر ڏنو ويو آهي، جيڪو آهستي آهستي اثر ڪري رهيو هو.

10. راڳي استاد سلامت علي خان لتا جي محبتن جو مرڪز هو، هن جي عشق ۾ لتا پاڪستان ٺهڻ بعد ساڻس ملڻ ايندي هئي، سندن محبت جي حالت اها رهي جو لتا کيس شادي آڇ ڪئي، جيڪا قبول بھ ٿي، پر سلامت علي خان راضي نھ ٿيو، ڇوتھ لتا مرهٽا ۽ برهمڻ هجڻ ڪري سندن ميلاپ ممڪن نھ هو، استاد سلامت علي کي بھ ديوتا جو درجو مليل هو.

11. سرن جي راڻي لتا منگيشڪر جنوري جي شروعات ۾ ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ۽ 6 فيبروري 2022ع جي ڏينهن 92 سالن جي ڄمار ۾ سڄي دنيا جا مداح ڇڏي پرلوڪ پڌاري وئي.

12. لتا منگيشڪر 28 سيپٽمبر 1929ع ۾ ڀارتي شهر اندور ۾ جنم ورتو، 1942ع ۾ ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ 2022ع ۾ وڇڙي وئي، اهڙي ريت فلم جي جي 100 سالن مان 71 سال هن فلمن ڏنا آهن.

لتا جسماني طور وڇوڙو ڪري وئي آهي، پر سندس آواز دنيا باقي رهڻ تائين باقي رهندو، ڇوتھ فنڪار ۽ اهو بھ وري راڳي هجي تھ ان جي پڄاڻي ناهي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button