افغانستان بابت گڏيل قومن جي سفير ۽ هالي ووڊ اداڪارا انجلينا جولي افغانستان ۾ عورتن جي حالت تي ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق انجلينا جولي کي هڪ ٻي افغان عورت خط لکي عورتن تي پابندي ۽ سندن حقن جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي. افغان عورت خط ۾ لکيو آهي تھ، ائين لڳي ٿو تھ عورتن جا حق ناهن ٿيندا، مون کي حقن جي حاصلات واري جدوجهد دوران گرفتار ڪيو ويو، شايد ڪڏهن ٻار نھ اچي سگهان. انجلينا جولي خط جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ افغانستان ۾ عورتن سان ڇا ٿي رهيو آهي، مهرباني ڪري دنيا ڄاڻ وٺي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close