شوبز

لتا منگيشڪر جي مڙهه تي دعا: شاهه رخ خان مذهبي هم آهنگي جو نمائندو قرار، بي جي پي تپي باهه

ننڍي کنڊ ۾ سرن ۽ راڳ جي ديوي طور شهرت ماڻيندڙ لتا منگيشڪر جي آخري رسمن دوران بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان پنهنجي مينيجر پوجا دادلاڻي سان گڏ شرڪت ڪري اسلامي رسمن تحت دعا گهري ۽ سندس مينيجر وري هندو مذهب جي رسمن کي اختيار ڪيو، جنهن سبب شاهه رخ خان ڀارت ۾ مذهبي هم آهنگي جو نمائندو بڻجي ويو آهي، جنهن تي هندو انتهاپسند ۽ حڪمران پارٽي بي جي پي جا اڳواڻ تپي باهه ٿي ويا آهن ۽ انهن مٿس مڙهه جي توهين جا الزام لڳايا آهن. ڀرتي ميڊيا موجب لتا منگيشڪر جي آخري رسمن ۾ شاهه رخ خان شرڪت ڪري مڙهه مٿان فاتحا پڙهي دليون کٽي ورتيون آهن.

لتا منگيشڪر کي ڀيٽا پيش ڪيو پيو وڃي

جڏهن تھ سندس تصوير سوشل ميڊيا تي ٽاپ ترينڊ بڻجي وئي آهي. هوڏانهن بي جي پي هريانھ ۽ اتر پرديش جي اڳواڻن شاهه رخ خان تي مڙهه جي توهين جا الزام لڳائي ڇتي تنقيد ڪئي آهي، جنهن تي مداحن جي تمام وڏي ڪنگ خان کي ڀارت جو اصل سيڪيولر چهري قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

لتا منگيشڪر ڀائٽيو اديناٿ سندس ارٿي کڻي وڃي رهيو آهي

بي جي پي هريانا ۽ اتر پرديش ۽ هريانا جي بي جي اڳواڻن جو چوڻ هو تھ شاهه رخ خان مڙهه جي توهين ڪئي آهي، سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. جڏهن تُھ مداحن جي وڏي انگ شاهه رخ خان جي دفاع ڪيو ۽ چيو تھ تمام وڏي شخصيت جي اهڙي توهين نھ ڪيو، ڇوتھ لتا جي روح کي سڪون ڏيارڻ جي دعا ۾ خرابي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button