پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا رابعا بٽ جي شادي ڪرڻ جون خبرون ۽ ڳالهيون پکڙجي ويون آهن. ميڊيا مطابق رابعا بٽ پنهنجي ڪنوار جي روپ واري تصوير جيئن ئي شيئر ڪئي تھ مداحن انهن کي تمام گهڻو ساراهيو آهي. جڏهن تھ رابعا بٽ کان سوال ڪندي مداح پڇيو تھ اوهان ڪيترا پيسا خرچ ڪيو ٿا، جنهن تي اداڪارا مبهم جواب ڏنو تھ اللھ جو شڪر آهي، مداحن مان واري سوال ڪيو ويو تھ، مهرباني ڪري شادي جون مبارڪون هجن، جنهن تي رابعا بٽ وراڻيو تھ، اوهان جي مهرباني. مداحن مان هڪ ڄڻي رابعا بٽ کان فرمائش ڪئي تھ مهرباني ڪري شادي جون وڌيڪ تصويرون بھ رکو، جنهن تي هن وراڻيو تھ، جي مان رکان پئي. ياد رهي تھ رابعا بٽ جي شادي واري ڄاڻايل تصوير اصل ۾ سندس فوٽو شوٽ جي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close