پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه مني لانڊرنگ جي جاچ نھ روڪڻ جي صورت ۾ وڌيڪ وڊيوز ۽ آڊيوز جاري ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ منهنجي خلاف جاچ نھ روڪي وئي تھ وڌيڪ وڊيوز ۽ آڊيوز سامهون آڻي سگهان ٿي. هن چيو تھ هٿ ٺوڪيا الزام هڻي منهنجي ۽ خاندان جي زندگي عذاب بڻائي پئي وڃي. جڏهن تھ هٿ ٺوڪيا الزام هڻي منهنجي ۽ خاندان جي زندگي عذاب بڻائي پئي وڃي. هن چيو تھ منهنجي ملڪيت بھ مڙس جي کاتي ۾ وڌي وئي، پي ٽي آئي مايوس ڪيو آهي. هوڏانهن حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه جو چوڻ هو تھ، حريم شاهه سان شادي بعد ايف آئي اي ۽ اسپيشل برانچ انتقام جو نشانو بڻايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close