شوبز

زرنش خان پنهنجي روئڻي ڪردار جي مذمت ڪري ڇڏي

پاڪستاني اداڪارا زرنش خان هڪ ڊرامي ۾ ڪيل پنهنجي روئڻ واري ڪردار جي پاڻ ئي مذمت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو تھ ڪيريئر جي هڪ ڊرامي ۾ مون روئندڙ ڇوڪري جو ڪردار ڪيو آهي، جنهن کي گهروارن ڏٺو تھ انهن منهنجي مٿان ٻيهر اهڙا ڪردار ڪرڻ تي ئي پابندي لڳائي ڇڏي. هن جو چوڻ هو تھ ذاتي طور تي مون کي اهڙي قسم جا ڪردار ناهن وڻندا، ڇوتھ ڇوڪريون گهڻيون مضبوط هجن ٿيون. هن چيو تھ مرد کي ايتري عزت ڏيڻ گهرجي، جيتري اهو اوهان کي ڏيندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو تھ منهنجي شادي ننڍي عمر يعني 17 ورهين ۾ ٿي، پر مون ان شادي کي دل سان قبول ڪيو ۽ خوش آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button